دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ اسلام آباد ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مربوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. دفاع واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ دفاع ۽ هوابازي جي شعبن ۾ سهڪار سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن …

اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ اسلام آباد ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مربوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. دفاع واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ دفاع ۽ هوابازي جي شعبن ۾ سهڪار سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اها ملاقات تعميري مصروفيتن کي جاري رکڻ ۽ پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ پراڻي ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ گڏيل مفاهمت سان پڄاڻي تي پهتي.