اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ موٽرويز جي توسيع ۽ مذهبي سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڏن فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لاهور- سيالڪوٽ موٽروي کي 2 لين مان وڌائي 3 لين ڪيو ويندو، جڏهن ته سيالڪوٽ کان کاريان ۽ اسلام آباد موٽروري به هاڻي …
وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اهم اجلاس
اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ موٽرويز جي توسيع ۽ مذهبي سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڏن فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لاهور- سيالڪوٽ موٽروي کي 2 لين مان وڌائي 3 لين ڪيو ويندو، جڏهن ته سيالڪوٽ کان کاريان ۽ اسلام آباد موٽروري به هاڻي ٻنهي پاسي 6 لين تعمير ٿيندي. وفاقي وزير واضح ڪيو ته مستقبل ۾ ڪو به موٽروي 3 لين کان گهٽ تعمير نه ڪيو ويندو. هن ايف ڊبليو او جي ڀائيواري سان سيالڪوٽ – راولپنڊي موٽروي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان منصوبي سان لاهور ۽ اسلام آباد وچ ۾ فاصلو 100 ڪلوميٽر گهٽ ٿي ويندو جنهن سان مسافرن کي هڪ ڪلاڪ وقت بچندو ۽ ايم – 2 تي ٽريفڪ جو بار به گهٽ ٿيندو. وفاقي وزير ڪرتارپور ۽ ننڪانه صاحب کي موٽرويز سان ڳنڍڻ جي منصوبي جو به جائزو ورتو. هن چيو ته انهن شاهراهن کي 3 لين بڻايو ويندو ته جئين سک برادري لاءِ مذهبي سياحت ۾ اضافو ٿئي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته سک سياحن لاءِ 3، 4، ۽ 5 اسٽار هوٽلز ۽ شاپنگ مالز جي تعمير لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري آندي ويندي. ان سلسلي ۾ هن اين ايڇ اي کي يورپ، برطانيا، ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ انويسٽمنٽ روڊ شو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن پاڪستان جو سافٽ اميج سڄي دنيا ۾ اجاگر ٿي سگهي.












