اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3700 روپين جي اضافي سان في تولو سون 543262 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3700 جو اضافو ٿيو، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 426961 روپيه ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو ۽ 10 …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3700 روپين جو اضافو رڪارڊ
اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3700 روپين جي اضافي سان في تولو سون 543262 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3700 جو اضافو ٿيو، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 426961 روپيه ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت ترتيب وار 9354 ۽ 8019 روپيه بنا ڪنهن تبديلي جي مستحڪم رهي. رپورٽ مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 5168 ڊالر کان وڌي 5205 ڊالر ٿي وئي.












