سپريم ڪورٽ ۾ فوري نوعيت جي ڪيسن لاءِ نئون طريقيڪار لاڳو

اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي منظوري سان فوري نوعيت جي ڪيس لاءِ نئون طريقيڪار لاڳو ڪيو ويو آهي. پڌرائي مطابق جمعي ۽ ڇنڇر تي عدالت ۾ صرف هنگامي ڪيس وصول ڪيا ويندا. سپريم ڪورٽ جو اداراتي ڊيسڪ جمعي ۽ ڇنڇر تي صرف هنگامي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ فعال رهندو، جڏهن ته عوامي سهولت لاءِ مرڪز صبح 9 وڳي کان منجهند ساڍي 12 وڳي …

اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي منظوري سان فوري نوعيت جي ڪيس لاءِ نئون طريقيڪار لاڳو ڪيو ويو آهي. پڌرائي مطابق جمعي ۽ ڇنڇر تي عدالت ۾ صرف هنگامي ڪيس وصول ڪيا ويندا. سپريم ڪورٽ جو اداراتي ڊيسڪ جمعي ۽ ڇنڇر تي صرف هنگامي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ فعال رهندو، جڏهن ته عوامي سهولت لاءِ مرڪز صبح 9 وڳي کان منجهند ساڍي 12 وڳي تائين کليل رهندو. فوري نوعيت جا ڪيس رجسٽرار سپريم ڪورٽ جي منظوري کانپوءِ ئي وصول ڪيا ويندا. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ رولز 2025ع تحت هنگامي ڪيسن جي وصوليجو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي ته جيئن عدالت ۾ عوام کي فوري قانوني سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ غير هنگامي ڪيسن جي ڪارروائي معمول جي ڏينهن تائين محدود رهي.