جٽادار معاشي ترقيءَ لاءِ مضبوط ۽ اثرائتي ڪيپيٽل مارڪيٽ نهايت اهم آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جٽادار معاشي ترقيءَ لاءِ مضبوط ۽ اثرائتي ڪيپيٽل مارڪيٽ نهايت اهم آهي، متحرڪ ڪارپوريٽ بانڊ مارڪيٽ جي ترقي، ڊگهي مُدي وارين مقامي بچتن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن اها ڳالهه ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ ڪائونسل (سي ايم ڊي سي) جي اجلاس جي صدارت …

اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جٽادار معاشي ترقيءَ لاءِ مضبوط ۽ اثرائتي ڪيپيٽل مارڪيٽ نهايت اهم آهي، متحرڪ ڪارپوريٽ بانڊ مارڪيٽ جي ترقي، ڊگهي مُدي وارين مقامي بچتن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن اها ڳالهه ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ ڪائونسل (سي ايم ڊي سي) جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ڪيپيٽل مارڪيٽس کي مضبوط بنائڻ لاءِ جاري سڌارن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ خاص طور تي ڪارپورٽ قرض مارڪيٽ جي ترقي ۽ معاشي اؤسر لاءِ سيڙپڪاريءَ جي ذريعن ۾ ڪيپيٽل مارڪيٽن جي ڪردار کي هٿي وٺرائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ناڻي واري وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مضبوط ۽ اثرائتي ڪيپيٽل مارڪيٽ جٽادار معاشي ترقيءَ لاءِ نهايت اهم آهي، ڇاڪاڻ ته ان ذريعي ڪارپوريشنز کي ڊگهي مدي وارو سرمايو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ اداره جاتي ۽ انفرادي سيڙپڪارن لاءِ مختلف سيڙپڪاريءَ جا موقعا پيدا ٿين ٿا. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان کي ترتيبوار هڪ متوازن مالياتي نظام طرف وڌڻو پوندو، جتي ڪيپيٽل مارڪيٽس بئنڪاري شعبي سان گڏجي معيشت جي مالي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي. ناڻي واري وزير چيو ته متحرڪ ڪارپوريٽ بانڊ مارڪيٽ جي ترقي، ڊگهي مُدي وارن مقامي بچتن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ناڻي واري وزير عملي ۽ وقت سر نظام تي ٻَڌل سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته سمورن ڀائيوارن کي ڪيپيٽل مارڪيٽ جي مڪمل ويليو چين ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻو پوندو، جن ۾ جاري طريقيڪار، ريگيوليٽري عمل، مارڪيٽ انفراسٽرڪچر ۽ ثانوي مارڪيٽ ۾ ليويڊيٽي شامل آهن. هن چيو ته سڌارن جو مقصد اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي جتي ڪمپنيون مارڪيٽ تي ٻَڌل مالياتي ذريعن سان اثرائتي انداز ۾ سرمايو حاصل ڪري سگهن، جڏهن ته سيڙپڪارن کي شفافيت، ليڪويڊيٽي نظام تي اعتماد به هجي. ناڻي واري وزير ڪارپوريٽ بانڊز جي جاري ڪرڻ کي آسان بنائڻ ۽ مارڪيٽ تائين پهچ بهتر بنائڻ لاءِ متعارف ڪرايل تازي ريگيوليٽري سڌارن بابت آگاهي ۽ اثرائتن ذريعن جي اهميت تي به پڻ زور ڀريو. هن سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان کي آگاهي مهم کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ڪارپوريشنز، مالياتي ادارن ۽ ٻين مارڪيٽ جا شرڪت ڪندڙ ويجهڙ مهينن ۾ متعارف ڪرايل آسان ريگيوليٽري فريم ورڪ، گهٽ دستاويزي گهُرجن ۽ ٻين سهولتن کان مڪمل طور تي آگاهه ٿي سگهن. ناڻي واري وزير ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقيءَ جي حوالي سان عالمي ۽ علائقائي تجربن مان سکڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هو پاڙيسري ملڪن جي ان بهترين پاليسين ۽ طريقيڪار جو جائزو وٺن جن کي پاڪستان جي روشنيءَ ۾ اختيار ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ ان پاليسي قدمن تي به غور ڪيو ويو جنهن جو مقصد ڪمپنين کي روايتي بئنڪ قرضن جي متبادل طور تي ڪيپيٽل مارڪيٽس ذريعي فنڊز حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪارپوريٽ بانڊ مارڪيٽ کي گهرو ڪرڻ سان ڪاروباري دارن لاءِ مالي وسيلن جا ذريعا مختلف هوندا ۽ بئنڪ قرضن تي ضرورت کان وڌيڪ ڀارڻ گهٽ هوندو. اجلاس دوران ڪيپيٽل مارڪيٽ جي شرڪت ڪندڙن بابت ٽيڪس فريم ورڪ جو جائزو به ورتو ويو. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته ناڻي وزارت جي ٽيڪس پاليسي آفيس سيڙپڪارن ۽ جاري ڪندڙن ٻنهي کي متاثر ڪندڙ ٽيڪس مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ مشاورت جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد ٽيڪس ڍانچي کي معقول بنئڻ ۽ اهڙن امڪاني مراعتن تي غور ڪرڻ آهي جيڪي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ وڌيڪ شرڪت کي هٿي ڏئي سگهن. اجلاس ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، اسٽيٽ بئنڪ، سينٽرل ڊيپازٽري ڪمپني، نيشنل ڪليئرنگ ڪمپني آف پاڪستان، پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نمائندن به شرڪت ڪئي ۽ ڪارپوريٽ بانڊز جي جاري ڪرڻ کي آسان بنائڻ ۽ مارڪيٽ جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ لاءِ ويجهڙ قدمن تي بريفنگ ڏني. شرڪت ڪندڙن ٻُڌايو ته ڪيترا ئي ريگيوليٽري سڌارا پهرين ئي لاڳو ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪارڪردگي ۽ شفافيت ۾ واڌ لاءِ پراسپيڪٽس جي گهرجن کي آسان بنائڻ، دستاويزي طريقيڪار کي هموار ڪرڻ، ريگيوليٽري فيس ۾ گهٽتائي ۽ جاري ڪرڻ جي عمل جي ڊجيٽلائيزيشن شامل آهن. شرڪت ڪندڙن ڪارپوريٽ بانڊ مارڪيٽ جي ترقي ۾ پيش ايندڙ ڍانچه جاتي چئلينجز تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جن ۾ منظوريءَ جي عمل ۾ دير، مارڪيٽ جي شرڪت ڪندڙن وچ ۾ بهتر هم آهنگي جي ضرورت ۽ امڪاني جاري ڪندڙن ۾ آگاهي وڌائڻ جي اهميت شامل آهي. ثانوي مارڪيٽ ۾ ليڪويڊيٽي بهتر بنائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ويو. شرڪت ڪندڙن موجب اثرائتي مارڪيٽ ميڪنگ نظام جي عدم موجودگي ڪارپوريٽ قرضن ۾ ٽريڊنگ سرگرمين ۽ قيمت جي تعين جي عمل کي محدود ڪري ٿي. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته بئنڪ ۽ بروڪريج هائوسز جي وڌيڪ فعال شرڪت مارڪيٽ ۾ ليڪويڊيٽي وڌائڻ ۽ سيڙپڪارن جي وسيع شرڪت کي ممڪن بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اجلاس ۾ ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ ڪائونسل جي وسيع تر سڌارن واري ايجنڊا جو به جائزو ورتو ويو، جنهن جو مقصد ريگيوليٽرز، مارڪيٽ انفراسٽرڪچر ۽ نجي شعبي وچ ۾ بهتر هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ ڪائونسل هڪ منظم سڌارن واري فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مالياتي اوزارن جي واڌ، سيڙپڪارن جي تحفظ جي نظام کي مضبوط بنائڻ، ڪارپوريٽ گورننس جا معيار بهتر بنائڻ ۽ اداره جاتي ۽ انفرادي سيڙپڪارن جي وڌيڪ شرڪت کي هٿي وٺرائڻ شامل آهي. انهن سڌارن جي اثرائتي لاڳو ڪرڻ لاءِ سي ايم ڊي سي مختلف خصوصي ورڪنگ گروپس قائم ڪندي جن ۾ ريگيوليٽرز، مالياتي ادارن ۽ صنعت جا نمائندا شامل هوندا. اهي گروپس ٽيڪس ۽ مالياتي پاليسي، قرضن جاري ڪرڻ جي فريم ورڪ، مارڪيٽ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ سيڙپڪارن جي تحفظ جهڙن اهم سڌارن وارن شعبن تي ڌيان ڏيندي ته جيئن پاليسي قدمن جي لاڳو ڪرڻ کي تيز ڪري سگهجي ۽ ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي مضبوط بنائي سگهجي. ناڻي واري وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سيڙپڪاري کي متحرڪ، مالياتي استحڪام کي بنائڻ ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت اثرائتي ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقي لاءِ پُرعزم آهي. هن زور ڀريو ته ڪائونسل جي سمورن ڀائيوارن سان ويجهو سهڪار جاري رکڻ گهرجي ته جيئن سڌارن کي وقت سر لاڳو ڪري پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي مڪمل صلاحيت کي ڪتب آڻي سگهجي. اجلاس ۾ ناڻي وزارت جي سينيئر عملدارن ۽ اهم ريگيوليٽري ۽ مارڪيٽ ادارن جي نمائندن به شرڪت ڪئي.