اسلام آباد - 11 مارچ (اي پي پي) اوگرا واضح ڪيو آھي ته آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي ايل پي جي، جي قيمت ۾ ڪنھن نئين اضافي جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ناھي ڪيو، قيمتن ۾ اضافي بابت گردش ھيٺ سموريون خبرون ۽ افواھ درست نه آھن. اربع ڏينھن اوگرا جي ترجمان جي جاري بيان مطابق مائع پيٽروليم گيس (ايل پي جي) جون قيمتون مقرر طريقي ڪار مطابق ھر مھيني جي …
قيمتن ۾ اضافي بابت گردش ھيٺ افواھون غلط آھن: اوگرا
اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اوگرا واضح ڪيو آھي ته آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي ايل پي جي، جي قيمت ۾ ڪنھن نئين اضافي جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ناھي ڪيو، قيمتن ۾ اضافي بابت گردش ھيٺ سموريون خبرون ۽ افواھ درست نه آھن. اربع ڏينھن اوگرا جي ترجمان جي جاري بيان مطابق مائع پيٽروليم گيس (ايل پي جي) جون قيمتون مقرر طريقي ڪار مطابق ھر مھيني جي پھرين تاريخ کان اثرائتي طور رڳو ماھوار بنياد تي جاري ڪيون وڃن ٿيون. عوام کي گذارش آھي ته اوگرا جي مقرر ڪيل قيمتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، جيڪڏھن ڪٿي وڌيڪ قيمت وصول ڪرڻ يا قيمتن ۾ هيراڦيري جي شڪايت ھجي ته ان جو اطلاع فوري ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ضلعي انتظاميا کي ڏنو وڃي. ھن چيو ته اوگرا سڄي ملڪ ۾ ايل پي جي مارڪيٽ ۾ صارفين جي مفادن جي تحفظ، شفافيت ۽ قائدن جي پابندي يقيني بڻائڻ لاءِ پر عزم آھي.












