اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي اختيارن کي استعمال ڪندي قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڏينهن ۽ وقت ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل پريس رليز ۽ باضابطه سرڪلر موجب اسيمبلي جو اجلاس پهرين جمعي 13 مارچ تي صبح 11 وڳي ٿيڻو هو، هاڻي اڄ خميس 12 مارچ 2026ع تي ٽپهري 3 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اها تبديلي قومي …
قومي اسيمبلي جي اجلاس جو شيڊول تبديل، جمعي بدران خميس تي ٿيندو
اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي اختيارن کي استعمال ڪندي قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڏينهن ۽ وقت ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل پريس رليز ۽ باضابطه سرڪلر موجب اسيمبلي جو اجلاس پهرين جمعي 13 مارچ تي صبح 11 وڳي ٿيڻو هو، هاڻي اڄ خميس 12 مارچ 2026ع تي ٽپهري 3 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اها تبديلي قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن جي قاعدي 49 جي ذيلي قاعده (2) تحت سونپيل ڪيل اختيارن جي روشني ۾ ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان تبديلي جي حوالي سان سمورن قومي اسيمبلي جي ميمبرن، وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، صلاحڪارن ۽ لاڳاپيل ادارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ميمبرن جي وقت سر شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي.












