جنيوا- 11 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جو ايران جي تيل جي ٺڪاڻن تي حملن بعد اتي ٿيندڙ ڪاري برسات ساهه جي بيمارين جي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن جي صحت بابت اداري (ڊبليو ايڇ او ) جي ترجمان جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس دوران چئي . هن چيو ته هلندڙ هفتي ايران جي تيل …
آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران جي تيل جي ٺڪاڻن تي حملن بعد اتي ٿيندڙ برسات ساهه جي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿي: گڏيل قومون
جنيوا- 11 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جو ايران جي تيل جي ٺڪاڻن تي حملن بعد اتي ٿيندڙ ڪاري برسات ساهه جي بيمارين جي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن جي صحت بابت اداري (ڊبليو ايڇ او ) جي ترجمان جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس دوران چئي . هن چيو ته هلندڙ هفتي ايران جي تيل ٺڪاڻن تي آمريڪي حملن بعد اتي تيل جي دونهين بعد برسات جون رپورٽون مليون آهن. ان ڪاري برسات خاص طورتي تيزابي برسات آبادي خاص طور تي صحت لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته ايران جي اختيارين ماڻهن کي گهرن اندر رهڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪو درست فيصلو آهي. واضع رهي ته سومر ڏينهن آمريڪي ۽ اسرائيلي فضائيه ايران تي حملن جي شدت آڻيندي هڪ تيل جي رفائنري کي نشانو بڻايو جنهن بعد ڪاري دونهين شهر کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.











