ٿائيلنڊ جي نئين چونڊيل پارليامينٽ جو اجلاس 14 مارچ تي ٿيندو

بينڪاڪ - 11 مارچ (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي نئين چونڊيل پارليامنٽ جو اجلاس 14 مارچ تي منعقد ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان ڳالهه جو اعلان اربع ڏينهن جاري ڪيل رائل گزيٽ جي پڌرائي ۾ ڪيو ويو آهي. پڌرائي مطابق گذريل مهيني ٿيل عام چونڊن ۾ نگران وزيراعظم انوتوتين چارنويراڪول جي پارٽي ڀومجائٿائي پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 500 ميمبرن جي پارليامينٽ مان 191 سيٽون حاصل ڪيون ، پيپلز پارٽي …

بينڪاڪ – 11 مارچ (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي نئين چونڊيل پارليامنٽ جو اجلاس 14 مارچ تي منعقد ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان ڳالهه جو اعلان اربع ڏينهن جاري ڪيل رائل گزيٽ جي پڌرائي ۾ ڪيو ويو آهي. پڌرائي مطابق گذريل مهيني ٿيل عام چونڊن ۾ نگران وزيراعظم انوتوتين چارنويراڪول جي پارٽي ڀومجائٿائي پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 500 ميمبرن جي پارليامينٽ مان 191 سيٽون حاصل ڪيون ، پيپلز پارٽي 120 سيٽن سان ٻي ۽ فيوٿائي پارٽي 74 سيٽن سان ٽين نمبر تي رهي . نئين پارليامينٽ جو پهريون باضابطه اجلاس 15 مارچ تي ٿيندو جنهن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي. ڀومجائٿائي پارٽي جي نائب اڳواڻ سريپونگ انگلڪا ساڪولڪياٽ ٻڌايو ته پارليامينٽ ۾ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو امڪان 19 مارچ تي آهي. هن چيو ته ڀومجائٿائي پارٽي ٽين نمبر تي آيل فيوٿائي پارٽي ۽ ڪجهه ننڍين پارٽين سان اتحاد ڪري حڪومت جوڙينديون جنهن جي نتيجي ۾ ڄاڻايل اتحاد کي پارليامينٽ ۾ اٽڪل 290 سيٽن جي حمايت حاصل ٿي سگهي ٿي . سياسي ذريعن مطابق نئين حڪومت جو اپريل کان باضابطه طورتي ڪم شروع ڪرڻ جو امڪان آهي.