ايران تي ڪنهن به قسم جي حملن ۾ شامل نه ٿينداسين: گڏيل عرب امارات    

جنيوا-10 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات چيو آهي ته هو وچ اوڀر جي موجوده جنگ ۾ ايران خلاف ڪنهن به قسم جي حملن ۾ شامل نه ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه جنيوا ۾ گڏيل قومن لاءِ گڏيل عرب امارات جي سفير جمال المشرخ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته اسان جو موقف اڳ ۾ به ان بابت واضح هو ۽ انهن حالتن ۾ به جڏهن صورتحال …

جنيوا-10 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات چيو آهي ته هو وچ اوڀر جي موجوده جنگ ۾ ايران خلاف ڪنهن به قسم جي حملن ۾ شامل نه ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه جنيوا ۾ گڏيل قومن لاءِ گڏيل عرب امارات جي سفير جمال المشرخ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته اسان جو موقف اڳ ۾ به ان بابت واضح هو ۽ انهن حالتن ۾ به جڏهن صورتحال پنهنجي موجوده پوزيشن ڏانهن وڌي رهي هئي ته گڏيل عرب امارات ايران خلاف پنهنجي رياستي علائقي مان ڪيل ڪنهن به حملي ۾ شامل  نه ٿيندو ۽ اهو ته اسان ان تڪرار ۾ ڪنهن به طرح شامل نٿا ٿيڻ چاهيون. سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ گڏيل قومن جي يورپي هيڊ آفيس مان گذريل ڏينهن مليل رپورٽس مطابق گڏيل عرب امارات گذريل ڏينهن ان ڳالهه جي مذمت ڪئي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي فضائي حملن سبب شروع ٿيل جنگ ۾ تهران طرفان ڪيل جوابي حملن ۾ يو اي اي کي بنا جواز نشانو بڻايو پيو وڃي، پر اها ڳالهه طئي آهي ته گڏيل عرب امارات خطي ۾ ان تازي جنگ ۾ ايران خلاف ڪيل حملن ۾ ڪنهن به طرح شامل نه ٿيندو.