افغانستان ۾ فوجي ڪارروائين جو مقصد دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهن جو خاتمو آهي: پاڪستان

گڏيل قومون -10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي، ته افغانسان ۾ پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي  وارين ڪارروائين جو مقصد افغان ڌرتي تان ٿيندڙ دهشتگردي جي خطري کي ختم ڪرڻ آهي،  برادر افغان عوام خلاف ڪارروائي ڪرڻ ناهي.  اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪسان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گذريل ڏينهن افغانستان جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. پاڪستان جي نمائندي چيو ته …

گڏيل قومون -10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي، ته افغانسان ۾ پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي  وارين ڪارروائين جو مقصد افغان ڌرتي تان ٿيندڙ دهشتگردي جي خطري کي ختم ڪرڻ آهي،  برادر افغان عوام خلاف ڪارروائي ڪرڻ ناهي.  اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪسان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گذريل ڏينهن افغانستان جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. پاڪستان جي نمائندي چيو ته ڀارت کي افغانستان جي ڌرتي تان پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ واري پاليسي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي، ڀارت طالبان حڪومت سان گڏجي پاڪستان خلاف سرگرمين ۾ ملوث آهي. هن چيو ته افغانستان جي نامزد پر عملي طور ڌار نمائندو نصير احمد فائق اصل ۾ ڪنهن جي نمائندگي ناهي ڪندو رڳو پنهنجي ذات جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نصير احمد فائق اصل ۾ افغانستان جي عوام جي نمائندگي ناهي ڪندو ڇاڪاڻ ته هو اڳوڻي افغان حڪومت جو مقرر ڪيل نمائندو آهي ۽ موجوده زميني حقيقتن کان الڳ آهي. هن چيو ته اها ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي ته نصير احمد فائق افغانستان مان ٿيل سرحد پار دهشتگردي بابت ڪجهه ناهي چيو. جيڪا پاڪستان تي شديد اثر وجهي رهي آهي. جنهن ۾ اسان جي شهرين، هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ بنيادي ڍانچي کي جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري طالبان کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻ لاءِ موقعو ۽ سهڪار جي آڇ ڪئي هئي پر ان جو ڪو هاڪاري نتيجو سامهون ناهي آيو. هن چيو ته اڄ افغانستان دهشتگرد گروپن ۽ ان جي مددگار نيٽ ورڪس لاءِ محفوظ پناهه بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته طالبان اندر موجود ڪيترائي عنصر انهن گروپن جي شراڪت ۽ فعال حمايت جو رستو اختيار ڪيو آهي، جنهن جا پاڙيسري ملڪن تي سنگين اثر پئجي رهيا آهن. هن  خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته ان جا اثر سموري خطي ۾ ڦهلجي سگهن ٿا. هن واضح لفظن ۾ چيو ته پاڪستان سرحد پار مان ٿيل دهشتگرد حملن کي منهن ڏيندي  خاموش نه ويهندو. هن چيو ته ڀارت افغانستان جي ڌرتي تي سرگرم دهشتگرد گروپن   جي سرپرستي ۽ مدد ڪري ٿو، جن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) شامل آهن. پاڪستان نمائندي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته پاڪستان باقاعدگي سان طالبان اختيارين سان ڳالهيون ۽ رابطن کي هٿي وٺائيندو رهيو آهي. هن گذريل سال جي اعليٰ سطحي دورن جو حوالو ڏنو جن ۾ ڪيترائي قدم پيش ڪيا ويا. انساني همدردي جي مدد فراهم ڪئي وئي، ٻه طرفه واپار ۾ سهولتون ڏنيون ويون، ويزه پاليسي ۾ نرمي ڪئي وئي، ٽرانزٽ سهولتون فراهم ڪيون ويون ۽ پاڪستان افغانستان کي خطي ۽ عالمي سطح تي مربوط  ڪرڻ لاءِ علائقائي پليٽ فارمز ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، تنهن هوندي به پاڪستاني نمائندگي خبردار ڪيو ته دهشتگرد تنظيمون ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ان جي مجيد برگيڊ، داعش خراسان ۽ اي ٽي آءِ ايم افغانستان اندر محفوظ ٺڪاڻا رکن ٿيون، جتان هو سرحد پار داخل ٿي پرتشدد حملا ۽ آپگهاتي ڌماڪا ڪن ٿا.