ڪينبرا -10 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز اعلان ڪيو آهي، آسٽريلين نار ملڪن کي ايراني حملن خلاف دفاع ۾ مدد لاءِ هڪ ڊگهي فاصلي تائين نگراني ڪندڙ جهاز ۽ هوا کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائيل فراهم ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ ايران بابت ڇڪتاڻ ۾ شدت اچي وئي آهي ۽ خطي جي ڪيترن …
آسٽريليا پاران نار ملڪن جي دفاع لاءِ جهاز ۽ ميزائيل فراهم ڪندو
ڪينبرا -10 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز اعلان ڪيو آهي، آسٽريلين نار ملڪن کي ايراني حملن خلاف دفاع ۾ مدد لاءِ هڪ ڊگهي فاصلي تائين نگراني ڪندڙ جهاز ۽ هوا کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائيل فراهم ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ ايران بابت ڇڪتاڻ ۾ شدت اچي وئي آهي ۽ خطي جي ڪيترن ئي ملڪن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن ٻڌايو رائل آسٽريلين ايئر فورس ايندڙ چئن هفتن اي سيون اي ويج ٽيل نگراني جهاز ۽ مددگار عملو نار ۾ مقرر ڪندي ته جيئن فضائي حدن جي تحفظ ۽ خطي جي اجتماعي دفاعي ڪوششن ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته آسٽريليا گڏيل عرب امارات کي جديد وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ ايئر ٽو ايئر ميزائيل به فراهم ڪندو. هن چيو ته ان حوالي سان سندس گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ رهندڙ اٽڪل هڪ لک 15 هزار آسٽريلوي شهرين جي حفاظت به ان فيصلي جو وڏو سبب آهي.











