تيل ۽ گيس جا وڏا ذخيرا موجود آهن پر قيمتن جو معاملو ڳڻتي جوڳو آهي: يورپي يونين

برسلز-10 مارچ (اي پي پي) يورپي ڪميشن طرفان چيو ويو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال باوجود ميمبر ملڪن وٽ تيل ۽ گيس جا وڏا ذخيرا موجود آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترجمان ايناڪيسا اٽڪونن جو برسلز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته اسان کي تيل جي محفوظ سپلائي جي حوالي سان وڌيڪ ڳڻتي ناهي. پر اسان کي توانائي جي سلسلي ۾ قيمتن ۾ تيزي سان ٿيندڙ اضافي تي …

برسلز-10 مارچ (اي پي پي) يورپي ڪميشن طرفان چيو ويو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال باوجود ميمبر ملڪن وٽ تيل ۽ گيس جا وڏا ذخيرا موجود آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترجمان ايناڪيسا اٽڪونن جو برسلز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته اسان کي تيل جي محفوظ سپلائي جي حوالي سان وڌيڪ ڳڻتي ناهي. پر اسان کي توانائي جي سلسلي ۾ قيمتن ۾ تيزي سان ٿيندڙ اضافي تي ڳڻتي ضرور آهي. هن اهو به ٻڌايو ته يورپي يونين جي ميمبر ملڪن وٽ تيل ۽ گيس جا 90 ڏينهن لاءِ ذخيرا موجود آهن. ان ڪري ڪنهن هنگامي صورتحال جو خطرو ناهي. هن جو اهو به چوڻ هو ته جي 7 ملڪن ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڳالهيون ڪيون آهن. جنهن ۾ گيس ۽ تيل جي امڪاني ريليز به بحث هيٺ آئي.