لنڊن-09 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 115 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي آهي جنهن جو سبب آبنائي هرمز ذريعي تيل جي فراهمي ۾ رڪاوٽ برقرار رهڻ جو خدشو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سومر جي صبح ايشيا ۾ برينٽ ڪروڊ جي قيمت 24.14 سيڪڙو اضافي سان 116.8 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي جڏهن ته ڊبليو …
آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 115 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي
لنڊن-09 مارچ (اي پي پي) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 115 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي آهي جنهن جو سبب آبنائي هرمز ذريعي تيل جي فراهمي ۾ رڪاوٽ برقرار رهڻ جو خدشو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سومر جي صبح ايشيا ۾ برينٽ ڪروڊ جي قيمت 24.14 سيڪڙو اضافي سان 116.8 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي جڏهن ته ڊبليو ٽي آئي جي قيمت 25.03 سيڪڙو اضافي سان 115.9 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي. واضح رهي ته آبي گذرگاهه آبنائي هرمز ذريعي دنيا جي 20 سيڪڙو تيل جي فراهمي ٿيندي آهي پر ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي فوجي حملن بعد آبنائي هرمز ۾ ڪيترائي سو تيل بردار بحري جهاز رڪيل آهن. توانائي جي مصنوعات جي رستي ۾ وڏي رڪاوٽ سبب اهو خدشو پيدا ٿي ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ صارفين ۽ ڪاروبار لاءِ قيمتون وڌي سگهن ٿيون.











