اسلام آباد -07 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شرلي بوچوي سان گذريل ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم کيس آگاهه ڪيو ته جاري ۽ بدلجندڙ علائقائي صورتحال سبب هو دولت مشترڪه جي وزارتي ايڪشن گروپ ۽ دولت مشترڪه جي پرڏيهي معاملن بابت وزيرن جي لنڊن ۾ ٿيندڙ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد -07 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شرلي بوچوي سان گذريل ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم کيس آگاهه ڪيو ته جاري ۽ بدلجندڙ علائقائي صورتحال سبب هو دولت مشترڪه جي وزارتي ايڪشن گروپ ۽ دولت مشترڪه جي پرڏيهي معاملن بابت وزيرن جي لنڊن ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو ۽ هن لنڊن ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر کي پنهنجي پاران پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي. نائب وزيراعظم دولت مشترڪه ۾ پاڪستان جي شراڪت کي اجاگر ڪيو ۽ دولت مشترڪه جي ڏهاڙي (نائين مارچ) جي موقعي تي سيڪريٽري جنرل ۽ دولت مشترڪه جي سموري فيملي کي مبارڪون ڏنيون.











