بلوچستان ۾ ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان  سان تعلق رکندڙ 15 دهشتگرد جهنم ڀيڙا ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي -07  مارچ (اي پي پي) بلوچستان ۾ ٻن الڳ الڳ ڪارروائيون ۾ ڀارتي پراڪسي، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان  سان تعلق رکندڙ 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس پڌرائي موجب هرنائي ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي اڳوڻي ميمبر جي موجودگي جو اطلاع مليو، ان جي موجودگي تي هڪ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن (آءِ بي او) ڪيو ويو. ڪارروائي دوران فوج دهستگردن …

راولپنڊي -07  مارچ (اي پي پي) بلوچستان ۾ ٻن الڳ الڳ ڪارروائيون ۾ ڀارتي پراڪسي، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان  سان تعلق رکندڙ 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس پڌرائي موجب هرنائي ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي اڳوڻي ميمبر جي موجودگي جو اطلاع مليو، ان جي موجودگي تي هڪ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن (آءِ بي او) ڪيو ويو. ڪارروائي دوران فوج دهستگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو  ۽ شديد مقابلي بعد ڀارت جي سرپرستي ۾ موجود 12 خوارجن کي جهنم ڀيڙو  ڪيو. اهڙي طرح بسيمه صلع ۾ هڪ ٻيو انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن  (آءِ بي او ) ڪيو ويو. ڪارروائي دوران فوج فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي موجودگي جو پتو لڳايو ۽ ڪارروائي ڪندي کين اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو. شديد فائرنگ  جي مٽاسٽا کان پوءِ ڀارت جي سرپرستي ۾ 3 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. مارجي ويل خوارج ۽ دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا باردو ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو. جيڪو ڪيترين دهشتگرد سرگرمين ۾ سرگرم هو. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻي ڀارتي سرپرست دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران قومي ايڪشن پلان تي وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظور ٿيل ويزن ”عزم استحڪام“ تحت بي لگام دهشتگردن جي روڪٿام واري مهم مڪمل رفتار سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي ناسور کي مڪمل  طور ختم ڪري سگهجي.

مزید خبریں