اسلام آباد -07 مارچ (اي پي پي) افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جي زميني ۽ فضائي اثرائتيون ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن پاران جاري تازي صورتحال موجب پاڪ افغان بارڊر تي اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج فضائي ڪارروائي دوران افغان طالبان جي ڪيترين ئي پوسٽن کي تباهه ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي اثرائتي ڪارروائي دوران بزدل دشمن پنهنجون پوسٽون ڇڏي فرار ٿيڻ تي مجبور ٿيا. پاڪ فوج …
آپريشن غضب للحق جاري، اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي فضائي ڪارروائي، افغان طالبان جون ڪيتريون ئي پوسٽون تباهه

مزید خبریں
اسلام آباد -07 مارچ (اي پي پي) افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جي زميني ۽ فضائي اثرائتيون ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن پاران جاري تازي صورتحال موجب پاڪ افغان بارڊر تي اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج فضائي ڪارروائي دوران افغان طالبان جي ڪيترين ئي پوسٽن کي تباهه ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي اثرائتي ڪارروائي دوران بزدل دشمن پنهنجون پوسٽون ڇڏي فرار ٿيڻ تي مجبور ٿيا. پاڪ فوج جي اثرائتي حڪمت عملي سبب افغان طالبان کي وڏي نقصان ۽ تباهي جو منهن ڏسڻو پيو. آپريشن غضب للحق اڃا تائين جاري آهي ۽ پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو.











