اسلام آباد-07 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 40 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 هزار ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 14 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 14 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-07 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 40 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 هزار ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 14 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 14 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 10 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 36 هزار ڪيوسڪ، چناب ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 41 هزار 600 ڪيوسڪ، ۽ ڇوڙ 36 هزار 300 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 33 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 21 هزار 100 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 9هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1463.57 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.552 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1158.60 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ آهي، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.060 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته چشما جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي موجوده سطح 639.80 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.024 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











