اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عورتن کي برابريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ کانسواءِ جمهوريت جو استحڪام خواب آهي، برابريءَ ۾ دير دراصل انصاف کان انڪار برابر آهي. اهڙو اظهار هن انٽرنيشنل وومين ڊي 2026ع جي سلسلي ۾ وومن پارليامينٽري ڪاڪس جي انتظام هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پپس) ۾ رٿيل قومي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب …
عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ جمهوريت جي مضبوطي ممڪن ناهي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عورتن کي برابريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ کانسواءِ جمهوريت جو استحڪام خواب آهي، برابريءَ ۾ دير دراصل انصاف کان انڪار برابر آهي. اهڙو اظهار هن انٽرنيشنل وومين ڊي 2026ع جي سلسلي ۾ وومن پارليامينٽري ڪاڪس جي انتظام هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پپس) ۾ رٿيل قومي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي ”پاڪستان وومن پارليامينٽري ليڊرز پورٽل“ به جاري ڪيو ۽ ان کي عورتن جي سياسي شموليت لاءِ هڪ سنگِ ميل قرار ڏنو. پنهنجي خطاب ۾ هن زور ڀريو ته عورتن جي فيصلا سازيءَ ۾ شموليت ۾ کين سماجي،، معاشي ۽ سياسي طور تي بااختيار بنائڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته "Rights. Justice. Action. For All Women and Girls” فقط هڪ نعرو نه پر هڪ عملي مطالبو آهي جنهن تي عملدرآمد قومي فرض آهي. سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي وزارتِ عظميٰ جي دؤر جو حوالو ڏيندي چيو ته هن هميشه عورتن ۽ اقليتن کي پنهنجي حقيقي چونڊ تڪ سمجهيو آهي، سندس دؤر ۾ ئي 8 مارچ کي ”ورڪنگ وومن ڊي“ قرار ڏنو ويو ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙا انقلابي منصوبا شروع ڪيا ويا جنهن سان عورتن کي خيرات بدران وقار ۽ معاشي خودمختياري ڏني. هن وڌيڪ چيو ته محترمه فاطمه جناح کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين عورتن جمهوري جدوجهد جي عظيم تاريخ لکي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي عالمي طور پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو. سينيٽ چيئرمين يقين ڏياريو ته سينيٽ آف پاڪستان عورتن جي حقن جي تحفظ، هراسگي جي خاتمي ۽ ايسڊ ڪرائمز جهڙين مُدي خارج رسمن خلاف قانونسازي ۽ نگرانيءَ جي عمل کي وڌيڪ مؤثر بڻائيندو. هن پارليامينٽيريز تي زور ڀريو ته هو صنفي رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ جامع قانونسازيءَ کي هٿي وٺرائين ته جيئن 2030ع جي جٽادار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته صنف نه پر قابليت ۽ عزم ئي موقعن جو معيار هئڻ گهرجي.








