اسلام آباد - 06 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آھي ته عوام کي آسان ۽ فوري انصاف جي فراھمي حڪومت جي پھرين ترجيح آھي ۽ عوامي شڪاتين جي اثرائتي ۽ وقت تي ازالي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان مطابق ھن اھا ڳالھه نئين مقرر ٿيل وفاقي محتسب نويد ڪامران بلوچ سان …
عوام کي آسان ۽ فوري انصاف جي فراھمي حڪومت جي پھرين ترجيح آھي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آھي ته عوام کي آسان ۽ فوري انصاف جي فراھمي حڪومت جي پھرين ترجيح آھي ۽ عوامي شڪاتين جي اثرائتي ۽ وقت تي ازالي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان مطابق ھن اھا ڳالھه نئين مقرر ٿيل وفاقي محتسب نويد ڪامران بلوچ سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ قانوني معاملن ۽ عوامي شڪايتن جي وقت تي ازالي جي نظام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي متبادل تڪرار واري حل (اي ڊي آر) ۽ ٽياڪڙي جي نظام کي ھٿي ڏيڻ لاءِ فني ۽ تربيتي مدد فراھم ڪرڻ جا معاملا به غور ھيٺ آيا جڏھن ته تڪرار جي متبادل حل ۽ ٽياڪڙي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ تربيتي پروگرامز منعقد ڪرڻ تي به ڳالھه ٻولھه ڪئي وئي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو عوامي مسئلن جي حل ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، ان لاءِ شڪايتن جي اثرائتي ۽ وقت تي ازالي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آھي. ملاقات ۾ عوامي مسئلن جي حل ۽ وقت تي انصاف جي فراھمي لاءِ گڏيل قدم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏھن ته وفاقي وزير ان عزم جو اظھار ڪيو ته انصاف ۽ قانون واري وزات عوامي شڪايتن جي حل جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ پنھنجو سھڪار جاري رکندي.











