مملڪتي وزير طلال چوڌري پاران ريڊ زون ۽ حساس هنڌن جو دورو، سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو

اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي خاص هدايتن تي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري اسلام آباد جي ريڊ زون، ڊپلوميٽڪ انڪليو ۽ ٻين حساس هنڌن جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر، آءِ جي اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر، رينجرز ۽ ايف سي جا اعليٰ آفيسر به ساڻس گڏ هئا. مملڪتي وزير رمضان المبارڪ کي نظر …

اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي خاص هدايتن تي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري اسلام آباد جي ريڊ زون، ڊپلوميٽڪ انڪليو ۽ ٻين حساس هنڌن جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر، آءِ جي اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر، رينجرز ۽ ايف سي جا اعليٰ آفيسر به ساڻس گڏ هئا. مملڪتي وزير رمضان المبارڪ کي نظر ۾ رکندي مسجدن ۽ ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي انتظامن جو معائنو ڪيو. هن هدايت جاري ڪئي ته جمعي نماز ۽ ٻين عبادتن دوران سيڪيورٽي کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ته جيئن شهري پرامن ماحول ۾ پنهنجي عبادت ادا ڪري سگهن. طلال چوڌري جو چوڻ هو ته حڪومت سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري گادي واري شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن اسلام آباد پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ بهترين انتظامن کي ساراهيندي سندن پيشيوراڻي مهارتن جي واکاڻ ڪئي.

مزید خبریں