پاڪستان – ازبڪستان گڏيل ورڪنگ گروپ جو اجلاس ، واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ پنجن سالن جي روڊ ميپ تي غور

اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر خان جي صدارت هيٺ پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻه طرفي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ قائم گڏيل ورڪنگ گروپ جو ٻيو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ واپار واري سيڪريٽري جوادپال سميت وفاقي وزارتن ۽ ايس آءِ ايف سي جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي …

اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر خان جي صدارت هيٺ پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻه طرفي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ قائم گڏيل ورڪنگ گروپ جو ٻيو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ واپار واري سيڪريٽري جوادپال سميت وفاقي وزارتن ۽ ايس آءِ ايف سي جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ، واپاري رستن، مختلف شعبن ۾ سهڪار ۽ پهريان کان طئي ٿيل مفاهمتي معاهدن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو . اجلاس کي خطاب ڪندي هارون اختر خان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ واپار  ۾ اضافي لاءِ 2026ع کان 2030ع تائين جو پنجن سالن جو روڊ ميپ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته ازبڪستان سان طئي ٿيل پروٽوڪولز تي عملدرآمد به ان روڊ ميپ ذريعي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان اقتصادي حصيداري ۾ نوان رستا کوليا پيا وڃن. مختلف شعبن لاءِ مخصوص حڪمت عملي تيار ڪرڻ لاءِ 8 ورڪنگ گروپس قائم ڪيا ويا آهن جن پنهنجن پنهنجن شعبن لاءِ ڄاڻايل روڊ ميپس ان اجلاس ۾  پيش ڪيا . هارون اختر خان ٻڌايو ته ازبڪستان لاءِ چين ذريعي متبادل رستو مختصر ۽ آسان ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ان حوالي سان منصوبو تيار ڪيو پيو وڃي . اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي ، ٽرانسپورٽ ، زراعت ۽ صنعت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ  تي اتفاق ڪيو ويو . ان کان علاوه رابطه ڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ مرڪزي ايشيا تائين رسائي لاءِ نون واپاري موقعن تي به غور ڪيو ويو . اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ نمايان اضافي لاءِ گڏيل قدمن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. هارون اختر خان چيو ته مرڪزي ايشيا جي رياستن سان اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جون سفارتي ۽ واپاري ڪوششون جاري آهن.

مزید خبریں