ٽي ڊي اي پي پاران چين ۾ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 10 مارچ تائين طلب

اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمنٽ اٿارٽي پاڪستان ( ٽي ڊي اي پي ) چيو آهي ته چين ۾ 6 کان 8 جولاءِ تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش 32 هين چائنه لينزو انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊفيئر ۾ شرڪت لاءِ 19 مارچ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش چين ۾ 6 کان 8 جولاءِ تائين جاري رهندي جنهن ۾ پاڪستان جي مقامي ٽيڪستائل، …

اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمنٽ اٿارٽي پاڪستان ( ٽي ڊي اي پي ) چيو آهي ته چين ۾ 6 کان 8 جولاءِ تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش 32 هين چائنه لينزو انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊفيئر ۾ شرڪت لاءِ 19 مارچ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش چين ۾ 6 کان 8 جولاءِ تائين جاري رهندي جنهن ۾ پاڪستان جي مقامي ٽيڪستائل، فيبرڪس اينڊ گارمينٽس ، هوم ٽيڪسٽائل، بيڊ سيٽ، پردن، راندين جي سامان، سرجيڪل ۽ ڊينٽل اوزارن، ڪارپيٽس، ليڌر گارمينٽس، چانور، دستڪاري مصنوعات، ماربل جي مصنوعات، هربل ڪاسميٽڪس ، هربل هيلٿ ڪيئر ، پلاسٽڪ پراڊڪٽس، فروٽ جوس، انجنيئرنگ اينڊ آٽو پارٽس ۽ ان سان جڙيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سميت پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا . نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل ٽي ڊي اي پي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.

مزید خبریں