سپريم ڪورٽ ۾ 10 ارب روپين جي ھرجاڻي واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي نظرثاني وارين درخواستن تي ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي

اسلام آباد - 06 مارچ(اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم طرفان داخل 10 ارب روپين جي ھرجاڻي واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي دفاع جي حق جي خاتمي خلاف داخل نظرثاني درخواستن تي ڪالهه ٻڌڻي ٿي. جسٽس عائشه ملڪ جي سربراھي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وزيراعظم محمد شھباز شريف جي وڪيل راشد حفيظ جو مددگار وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ …

اسلام آباد – 06 مارچ(اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم طرفان داخل 10 ارب روپين جي ھرجاڻي واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي دفاع جي حق جي خاتمي خلاف داخل نظرثاني درخواستن تي ڪالهه ٻڌڻي ٿي. جسٽس عائشه ملڪ جي سربراھي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وزيراعظم محمد شھباز شريف جي وڪيل راشد حفيظ جو مددگار وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته راشد حفيظ هن وقت لنڊن ۾ آھي، ان ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ ھفتي تائين ملتوي ڪئي وڃي. ان تي جسٽس عائشه ملڪ ريمارڪس ڏنا ته اڄ درخواستگذار کي ٻڌون ٿا ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ٻي ڌر کي به ٻڌي وٺنداسين. ٻڌڻي دوران جسٽس ھاشم ڪاڪڙ رمارڪس ڏنا ته عدالت ڪيترا ئي ڀيرا پي ٽي آءِ باني کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو ھو ۽ 4 سالن کانپوءِ دعويٰ جو جواب جمع ڪرايو ويو. ھن پڇا ڳاڇا ڪئي ته ايتري دير باوجود جيڪڏھن عدالت سخت حڪم جاري نه ڪري ھا ته ڇا ڪري ھا. جسٽس اشتياق ابراھيم رمارڪس ڏنا ته دليل ڏيندي وقت نظرثاني جي اختيار واري دائري کي به ذھن ۾ رکيو وڃي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته اصل مسئلو پي ٽي آءِ باني جو زخمي ٿيڻ ۽ اسپتال ۾ علاج ھيٺ ھجڻ آھي، جڏھن ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ان نقطي تي ڪا راءِ ناھي ڏني وئي. ھن چيو ته ماضي جا واقعا اھم ناھن پر اصل سوال اھو آھي ته حلفي بيان جمع نه ڪرائڻ جو سبب ڇا ھيو. بئريسٽر علي ظفر مطابق سول ڪورٽ پي ٽي آءِ باني کي 8 نومبر تائين حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو، جڏھن ته 3 نومبر 2022ع تي ان تي قاتلاڻو حملو ٿيو، جنھن ۾ ھو زخمي ٿي پيو. ھن چيو ته عدالت 8 کان 17 نومبر جي ٻڌڻين ۾ پي ٽي آءِ باني جي زخمي ٿيڻ کي قبول به ڪيو، جڏھن ته 22 نومبر 2022ع تي دفاع واري حق کي ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ھو. سندس چوڻ ھو ته اھو ڪو سزائي موت جو ڪيس ناھي ته دفاع واري حق کي بحال ٿيڻ سان ڪو وڏو مسئلو پيدا ٿي وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي خدشن سبب وڪيلن جون پي ٽي آءِ باني سان اسپتال ۾ ملاقاتون به روڪيون ويون ۽ کيس حلفي بيان لاءِ اسپتال کان ٻاھر آڻڻ ممڪن نه ھو. سندس مطابق دفاع واري حق جي بحالي شفاف ٽرائل جي بنيادي گهرج آھي. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. گذريل ٻڌڻي تي سپريم ڪورٽ سول ڪورٽ کي ڪيس ۾ وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي چڪي آھي. واضح رھي ته پي ٽي آءِ باني پانامه ڪيس تان هٿ کڻڻ بدران 10 ارب روپين جي آڇ جي دعويٰ ڪئي ھئي، جنھن تي وزير اعظم محمد شھباز شريف 2017ع ۾ سندس خلاف ھتڪ عزت جي دعويٰ داخل ڪئي ھئي.

مزید خبریں