پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي جو رجحان، 100 انڊيڪس 3714.57 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 157496.10 پوائنٽس تي بند

اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي  100 انڊيڪس 3714.57 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 157496.10 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 567 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٽ ٿي، 105 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 311 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 151 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. …

اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي  100 انڊيڪس 3714.57 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 157496.10 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 567 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٽ ٿي، 105 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 311 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 151 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. مجمعي طور تي 363.14 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 23.10 ارب روپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 1451.54 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 48330.20 پوائنٽس ۽ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 5909.77 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 224687.33 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 4.86 ارب روپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ جي 36917726 شيئرز، سينرجيڪو پاڪستان لميٽيڊ جي 22424861 شيئرز ۽ يونٽي فوڊز ليمٽيڊ جي 19052764 شيئرز جي ڏي وٺ ٿي.

مزید خبریں