سعودي عرب، ڪويت، اردن، ترڪيه ۽ اولھه ايشيا جي ٻين ملڪن سان پاڪستان جي ٻه طرفي واپار ۾ ساليانو بيناد تي معمولي گھٽتائي ٿي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد - 06 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب، ڪويت، اردن، ترڪيه ۽ اولھه ايشيا جي ٻين ملڪن سان پاڪستان جي ٻه طرفي واپار ۾ جاري مالي سال دوران ساليانو بنياد تي معمولي گھٽتائي ٿي، مالي سال جي پھرين 7 مھينن ۾ اولھه ايشيائي ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ۾ ساليانو بنياد تي 7.13 سيڪڙو ۽ انھن ملڪن مان امپورٽ ۾ ھڪ سيڪڙو جي گھٽتائي رڪارڊ ٿي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جاري …

اسلام آباد – 06 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب، ڪويت، اردن، ترڪيه ۽ اولھه ايشيا جي ٻين ملڪن سان پاڪستان جي ٻه طرفي واپار ۾ جاري مالي سال دوران ساليانو بنياد تي معمولي گھٽتائي ٿي، مالي سال جي پھرين 7 مھينن ۾ اولھه ايشيائي ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ۾ ساليانو بنياد تي 7.13 سيڪڙو ۽ انھن ملڪن مان امپورٽ ۾ ھڪ سيڪڙو جي گھٽتائي رڪارڊ ٿي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جاري مالي سال جي پھرين 7 مھينن دوران سعودي عرب، ڪويت، اردن، ترڪيه ۽ اولھه ايشيا جي ٻين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 2.173 ارب ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 7.13 سيڪڙو گھٽ آھي، گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ اولھه ايشيا جي ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 2.328 ارب ڊالرز جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو ھو. جنوري ۾ اولھه ايشيا جي ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 335.29 ملين ڊالرز جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو، جيڪو ڊسمبر ۾ 356.45 ملين ڊالرز ۽ گذريل سال جنوري ۾ 326.60 ملين ڊالر ھو. مالي سال 2025ع ۾ اولھه ايشيا جي ملڪن کي پاڪستان جي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 3.863 ارب ڊالرز جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو ھو. انگن اکرن مطابق سال جي پھرين 7 مھينن ۾ اولھه ايشيا جي ملڪن مان امپورٽ تي 10.89 ارب ڊالرز جو مٽاسٽا جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 10.81 ارب ڊالرز جي ڀيٽ ۾ ھڪ سيڪڙو گھٽ آھي. جنوري ۾ اولھه ايشيا جي ملڪن مان امپورٽ جو ڳاڻيٽو 1.541 ارب ڊالرز رھيو جيڪو ڊسمبر ۾ 1.429 ارب ڊالرز ۽ گذريل سال جنوري ۾ 1.883 ارب ڊالرز ھو. مالي سال 2025ع ۾ اولھه ايشيا جي ملڪن مان امپورٽ تي مجموعي طور 18.70 ارب ڊالرز جو مٽاسٽا جو ناڻو خرچ ٿيو.

مزید خبریں