آبنائي هرمز رڳو آمريڪا، اسرائيل ۽ يورپي ملڪن جي جهازن لاءِ بند ڪيو ويو آهي: ايران

تهران-06 مارچ (اي پي پي) ايران جي پاسداران انقلاب اعلان ڪيو  آهي ته آبنائي هرمز آمريڪا، اسرائيل ۽ يورپي ملڪن جي جهازن لاءِ بند ڪيو ويو آهي.ايراني خابرو اداري (ارنا) پاسداران انقلاب جي حوالي سان ٻڌايو ته آبنائي هرمز صرف آمريڪا، اسرائيل، يورپ ۽ اولهه جي اتحادين جي جهازن لاءِ بند آهي. ٻئي پاسي ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو آهي ته جنگ جي صورت حال ۾ آبنائي …

تهران-06 مارچ (اي پي پي) ايران جي پاسداران انقلاب اعلان ڪيو  آهي ته آبنائي هرمز آمريڪا، اسرائيل ۽ يورپي ملڪن جي جهازن لاءِ بند ڪيو ويو آهي.ايراني خابرو اداري (ارنا) پاسداران انقلاب جي حوالي سان ٻڌايو ته آبنائي هرمز صرف آمريڪا، اسرائيل، يورپ ۽ اولهه جي اتحادين جي جهازن لاءِ بند آهي. ٻئي پاسي ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو آهي ته جنگ جي صورت حال ۾ آبنائي هرمز تي ڪنٽرول ايران جي هٿ ۾ هجڻ گهرجي. هن ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران واضع ڪيو ته ايران دشمن ملڪن جي واپاري ۽ جنگي جهازن کي آبنائي هرمز کان گذرڻ جي اجازت نه ڏيندو. هن چيو ته اسان هن وقت  جنگي حالت ۾ آهيون ان صورتحال ۾ آبنائي هرمز جي ڪنٽرول  جي حوالي سان خصوصي قدم ضروري آهن. اهي قدم لاڳو ٿي چڪا آهن ۽ اسان پنهنجي مخالف ملڪ جي واپاري ۽ جنگي جهازن کي گذرڻ جي اجازت نه ڏينداسين . هن وڌيڪ چيو ته آبنائي هرمز ايران خلاف جاري فوجي ڪارروائين جي خاتمي تائين بند رهڻ گهرجي.