نئين دهلي -06 مارچ (اي پي پي) ڀارتي ايئر فورس جو جديد ويڙهاڪ جهاز ايس يو -30 رياست آسام ۾ ڪرڻ سبب تباهه ٿي ويوآهي. جنهن جي نتيجي ۾ 2 پائليٽ اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي هوائي فوج گذريل ڏينهن ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته اهو حادثو گذريل ڏينهن ڪربي ضلعي انگ لومگ ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن ڀارتي ايئر فورس جو ٻن …
ڀارتي فضائيه جو ويڙهاڪ جهاز ايس يو -30 رياست آسام ۾ ڪري تباهه، 02 پائليٽ اجل جو شڪار
نئين دهلي -06 مارچ (اي پي پي) ڀارتي ايئر فورس جو جديد ويڙهاڪ جهاز ايس يو -30 رياست آسام ۾ ڪرڻ سبب تباهه ٿي ويوآهي. جنهن جي نتيجي ۾ 2 پائليٽ اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي هوائي فوج گذريل ڏينهن ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته اهو حادثو گذريل ڏينهن ڪربي ضلعي انگ لومگ ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن ڀارتي ايئر فورس جو ٻن سيٽن وارو جنگي جهاز ايس يو -30 ايم ڪي آءِ تربيتي مشن دوران حادثي جو شڪار ٿيو. اهو جهاز رياست آسام جي جورهت ايئر بيس مان روانو ٿيو هيو. حادثي سبب ٻئي پائلٽ اجل جو شڪار ٿي ويا.











