وزيراعظم پاران صوبائي حڪومتن کي پيٽروليم مصنوعات جي ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد- 6 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صوبائي حڪومتن کي پيٽروليم مصنوعات جي ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جيڪو پيٽرول پمپ هٿرادو کوٽ جي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث هُجي اُن کي فوري طور تي بند ڪري، ان جو لائسنس رد ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پيٽروليم مصنوعات بابت اعليٰ سطحي …

اسلام آباد- 6 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صوبائي حڪومتن کي پيٽروليم مصنوعات جي ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جيڪو پيٽرول پمپ هٿرادو کوٽ جي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث هُجي اُن کي فوري طور تي بند ڪري، ان جو لائسنس رد ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پيٽروليم مصنوعات بابت اعليٰ سطحي اجلاس جمعي ڏينهن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُالله تارڙ، علي پرويز ملڪ، اويس خان لغاري، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص مددگار هارون اختر، گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد، چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار شرڪت ڪئي. پيٽروليم واري وزارت اجلاس کي خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال جي ڏس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي ذخيرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ ٻُڌايو ويو ته ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جو مناسب ذخيرو موجود آهي. وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته پيٽروليم شين جي ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ۽ جيڪو پيٽرول پمپ هٿرادُو کوٽ جي هن ڪڌي ڌنڌي ۾ ملوث هُجي، اُن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي ۽ ان جو لائسنس رد ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم پيٽروليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو صوبن جو دورو ڪري ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي پيٽروليم مصنوعات جي بچت ۽ ان جي ماڻهن کي بنا رنڊڪ فراهمي جي حوالي سان لائحه عمل ۽ منصوبابندي جوڙي وڃي. وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات جي چُرپُر سان لاڳاپيل هڪ ڊيش بورڊ ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي جنهن ذريعي صوبن سان ريئل ٽائيم ۾ ڊيٽا صوبن سان ونڊي سگهجي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي چُرپُر جي نگراني ڪئي وڃي.

مزید خبریں