آمريڪا سان جنگ بندي توڻي ڳالهيون نٿا چاهيُون: ايران

تهران- 06 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته هو وچ اوڀر ۾ جنگ جي ڇهين ڏينهن نه ته آمريڪا سان جنگ بندي چاهي ٿو ۽ نه وري ڪي ڳالهيون چاهي ٿو. العربيه اردو مُوجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ انٽرويو دوران چيو ته اسان جنگ بندي جو مطالبو نه ٿا ڪريون ۽ نه ئي اسان کي آمريڪا سان ڳالهين جو ڪو سبب نظر اچي ٿو. اسان انهن …

تهران- 06 مارچ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته هو وچ اوڀر ۾ جنگ جي ڇهين ڏينهن نه ته آمريڪا سان جنگ بندي چاهي ٿو ۽ نه وري ڪي ڳالهيون چاهي ٿو. العربيه اردو مُوجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ انٽرويو دوران چيو ته اسان جنگ بندي جو مطالبو نه ٿا ڪريون ۽ نه ئي اسان کي آمريڪا سان ڳالهين جو ڪو سبب نظر اچي ٿو. اسان انهن سان ٻه ڀيرا ڳالهيون ڪيون ۽ هِنن هر ڀيري ڳالهين دوران اسان تي حملو ڪيو، اسان کي آمريڪا سان جنگ بندي يا ڳالهين جي ڪابه درخواست ناهي ملي ۽ نه ئي اسان انهن کي ڪڏهن به اهڙا پيغام موڪليا آهن. هن چيو ته آمريڪا پنهنجو مکيه مقصد جيڪو ايران تي هڪ جلد فتح حاصل ڪرڻ آهي ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته مون کي لڳي ٿو ته ڇهن ڏينهن جي جنگ کان پوءِ اهو واضح ٿي ويو آهي ته آمريڪا پنهنجو مکيه مقصد جيڪا هڪ فيصلائتي ۽ جلدي فتح حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، ۽ هاڻي هُو اسان تي حملي جو جواز پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته حقيقت اها آهي ته اسان کي آمريڪا سان خاص طور تي هن انتظاميه سان ڳالهين جو ڪو به مثبت تجربو ناهي. اسان گذريل سال ۽ هن سال ٻه ڀيرا ڳالهيون ڪيون پر هننِ ڳالهين دوران ئي اسان تي حملو ڪيو. هن چيو ته تنهن ڪري اسان کي اهڙن ماڻهن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ڪو سبب نظر نٿو اچي جيڪي ڳالهين ۾ مخلص نه آهن ۽ نيڪ نيتي سان ڳالهين ۾ شامل ناهن ٿيندا.