صحت جي عالمي  اداري پاران ايران ۽ لبنان ۾ صحت جي  مرڪزن تي حملن بابت ڳڻتي جو اظهار

جنيوا- 06 مارچ (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران ايران ۽ لبنان ۾ صحت مرڪزن تي ٿيندڙ حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ازهانوم گيبريس جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران چيو ته عالمي انساني قانون تحت صحت جي سهولت کي هر حال ۾ محفوظ رکڻ گهرجي ان …

جنيوا- 06 مارچ (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران ايران ۽ لبنان ۾ صحت مرڪزن تي ٿيندڙ حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ازهانوم گيبريس جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران چيو ته عالمي انساني قانون تحت صحت جي سهولت کي هر حال ۾ محفوظ رکڻ گهرجي ان تي حملو نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڊبليو ايڇ او متاثر ملڪن ۾ پنهنجي آفيس سان گڏجي صورتحال جي مسلسل  نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي صحت جي نظام کي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. ڊبليو ايڇ او جي سربراهه چيو ته موجوده تڪرار جا اثر سڄي خطي ۾ محسوس ڪيا پيا وڃن. هيستائين 16 ملڪ ان بحران سبب متاثر ٿي چڪا آهن. ڳڻپ واري اداري موجب هيستائين ايران ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهو شهيد جڏهن ته لبنان ۾ 50، اسرائيل ۾ 13 ۽ نار وارن ملڪن ۾ 11 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن. هن چيو ته جنگي صورتحال سبب وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ به شروع ٿي وئي آهي. اندازي موجب هڪ لک ماڻهو ايران ڇڏي چڪا آهن ۽ لبنان ۾ 60 هزار کان به وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه ڏکڻ پاسي جي علائقن ۾ واپسي جي حڪمن کانپوءِ 10 لک ماڻهن جي لڏ پلاڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ٽيڊروس ازهانوم گيبريس ايٽمي ٺڪاڻن کي لاڳو خطرن تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ايٽمي سلامتي متاثر ٿي ته ان جو عوامي صحت تي سنگين اثر پوندو.