هٿيارن جي ڊوڙ روڪڻ جي ضرورت، جنگ نه، امن جي نظام ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي:گڏيل قومون

گڏيل قومون -06 مارچ(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عالمي اڳواڻن تي زور ڀريو آهي ته اهي هٿيارن جي ڊوڙ کي روڪين ۽ جنگي هٿيارن بدران امن جو نظام قائم ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب ايٽمي هٿيارن جي پکيڙ کي روڪڻ بابت آگاهي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن خبردار ڪيو ته دنيا ۾ امن جو خواب شديد خطرن کي …

گڏيل قومون -06 مارچ(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عالمي اڳواڻن تي زور ڀريو آهي ته اهي هٿيارن جي ڊوڙ کي روڪين ۽ جنگي هٿيارن بدران امن جو نظام قائم ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب ايٽمي هٿيارن جي پکيڙ کي روڪڻ بابت آگاهي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن خبردار ڪيو ته دنيا ۾ امن جو خواب شديد خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي ، موجوده حالتن ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو خطرو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪو آهي. انتونيو گوتريش چيو ته عالمي ڇڪتاڻ سبب دفاعي خرچ ۾ غير معمولي اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته ننڍن هٿيارن ۽ هلڪن هٿيارن جي پکيڙ به وڌي رهي آهي، ان کانسواءِ نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جنگين کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي رهي آهي. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته ڇڪتاڻ کي گهٽايو وڃي ۽ دنيا کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. سندس چوڻ هيو ته ايٽمي هٿيارن جي ڌمڪين جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ هٿيارن جي ڊوڙ بند ڪئي وڃي.