سرينگر ۾ قابض انتظاميا پاران ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن خلاف مظاهرا روڪڻ لاءِ پابنديون وڌيڪ سخت

سرينگر-06 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ نئين دهلي جي مڙهيل ليفٽنينٽ گورنر جي ماتحت انتظاميا جمعي تي ڪرفيو جهڙين پابندين جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن خلاف مظاهرن کي روڪڻ لاءِ والاريل علائقي ۾ 5 ڏينهن کان پابنديون لاڳو آهن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ايران جي رهبر اعليٰ آيت الله خامنه …

سرينگر-06 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ نئين دهلي جي مڙهيل ليفٽنينٽ گورنر جي ماتحت انتظاميا جمعي تي ڪرفيو جهڙين پابندين جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن خلاف مظاهرن کي روڪڻ لاءِ والاريل علائقي ۾ 5 ڏينهن کان پابنديون لاڳو آهن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ايران جي رهبر اعليٰ آيت الله خامنه اي جي قتل ۽ اسرائيلي، آمريڪي جارحيت ۽ مودي حڪومت طرفان والاريل علائقي ۾ پابندين خلاف جمعي جي نماز کانپوءِ پرامن مظاهرن جو سڏ ڏنو هو. انتظاميا مظاهرا روڪڻ لاءِ سرينگر، بارهموله، بانڊي پوره، بڊگام، پلوامه ۽ ڪشمير وادي جي ٻين ضلعن ۾ ڀارتي فوج ۽ پيرا ملٽري سينٽرل ريزرو پوليس فورس جي اهلڪارن جي وڏي نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي. اهم روڊ رستا ۽ چوراها ڪنڊي دار تارن سان سيل ڪيا ويا آهن. ڀارتي فورسز اهلڪارن سرينگر جي واپاري مرڪز لال چوڪ کي پوري طرح گهيراءُ ۾ آڻي نوگو زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اهي پابنديون گذريل سومر تي ان وقت لاڳو ڪيون ويون هيون جڏهن ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن ۽ خامنه اي جي قتل خلاف سڄي والاريل علائقي ۾ ماڻهو مظاهرن لاءِ روڊن تي نڪري آيا هئا.