اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ سميت زراعت، توانائي ۽ اهم معدنيات سميت مختلف شعبن ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان ٽيليفونڪ رابطو، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ سميت زراعت، توانائي ۽ اهم معدنيات سميت مختلف شعبن ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند ڪئناڊا ۾ رهيل متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي طرفن کان ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته گڏيل رابطن جي مثبت اڳڀرائي کي برقرار رکڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو تسلسل انتهائي اهم آهي. ان موقعي تي خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڊائيلاگ، سفارتڪاري ۽ عالمي قانونن جي پاسداري جي اهميت تي زور ڏنو.











