مؤثر انصاف وارو نظام پيشيوراڻي تحقيقات لاءِ اڻٽر آهي: چيف جسٽس پاڪستان

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته انصاف جي مؤثر نظام لاءِ پيشيوراڻي، غير جانبدار ۽ قانون موجب تحقيقات بنيادي حيثيت رکن ٿيون، پوليس ۽ عدالتون فوجداري نظامِ انصاف جا اهم ٿنڀ آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي ذميدارين ذريعي انصاف جي فراهميءَ کي يقيني بڻائين ٿيون. سپريم ڪورٽ مان جاري پڌرائيءَ موجب اها ڳالهه هن پوليس سروس آف پاڪستان …

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته انصاف جي مؤثر نظام لاءِ پيشيوراڻي، غير جانبدار ۽ قانون موجب تحقيقات بنيادي حيثيت رکن ٿيون، پوليس ۽ عدالتون فوجداري نظامِ انصاف جا اهم ٿنڀ آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي ذميدارين ذريعي انصاف جي فراهميءَ کي يقيني بڻائين ٿيون. سپريم ڪورٽ مان جاري پڌرائيءَ موجب اها ڳالهه هن پوليس سروس آف پاڪستان جي 52هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي 42 تربيت هيٺ آفيسرن جي وفد سان ملاقات دوران چئي، جن فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۾ جاري پروفيشنل ايڪسچينج پروگرام تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو دؤرو ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڊائريڪٽر جنرل فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۽ ڊپٽي ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي گڏيل طور ڪئي. چيف جسٽس پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي فوجداري انصاف واري نظام جي اهم خصوصيتن تي روشني وجهندي چيو ته پوليس جي ذميداري غير جانبداراڻي ۽ قانوني گهرجن مطابق جاچ ڪرڻ آهي، جڏهن ته عدالتون پيش ڪيل شاهدين جي بنياد تي ڪيسن جو فيصلو ڪن ٿيون. سندس چوڻ هو ته مؤثر انصاف جي فراهميءَ جو دارومدار بنيادي طور شفاف، معروضي ۽ پيشيوراڻي جاچ تي هوندو آهي. هن چيو ته فيڊرل جوڊيشل اڪيڊميءَ ۾ حاصل ٿيندڙ تربيت ۽ عملي آگاهيءَ سان تربيت هيٺ آفيسرن کي عدالتن جي طريقيڪار، شاهدين جي گهرجن ۽ منصفاڻي ٽرائل جي اصولن کي بهتر طور سمجهڻ ۾ مدد ملندي، جنهن انصاف جي نظام جي مختلف ادارن وچ ۾ هم آهنگي مضبوط ٿيندي. چيف جسٽس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پيشيوراڻي ڪيريئر ۾ ديانتداري، انصاف پسندي ۽ قانون جي حڪمرانيءَ کي مٿانهون رکن. هن چيو ته سرڪاري اهلڪار هئڻ جي ناتي کين عوام لاءِ رسائي جوڳو، بااخلاق ۽ جوابده هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مؤثر طرزِ حڪمراني جو بنياد قانون ۽ عوام جي احترام تي قائم ٿئي ٿو. دؤري جي پڄاڻيءَ تي اداره جاتي خيرسگالي جي اظهار طور يادگيري شيلڊز جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.

مزید خبریں