اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته زراعت ۽ غذائي تحفظ جا شعبا ملڪي معيشت ۾ اهم ٿنڀ جو درجو رکن ٿا، ايگريڪلچر روڊ ميپ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان مشاورت جو عمل وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت …
زراعت ۽ غذائي تحفظ جا شعبا ملڪي معيشت ۾ اهم ٿنڀ جو درجو رکن ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته زراعت ۽ غذائي تحفظ جا شعبا ملڪي معيشت ۾ اهم ٿنڀ جو درجو رکن ٿا، ايگريڪلچر روڊ ميپ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان مشاورت جو عمل وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي معاملن تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، چئني صوبن، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته زراعت ۽ غذائي تحفظ جا شعبا ملڪي معيشت ۾ اهم ٿنڀ جو درجو رکن ٿا. وزيراعظم ايگريڪلچر روڊ ميپ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان مشاورت جو عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چين مان زرعي تحقيق جي حوالي سان تربيت حاصل ڪندڙ اسڪالرز سان پاڪستاني زرعي شعبي ۾ ريفارمز جي حوالي سان مشاورت ۽ انهن سان رابطو رکڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي زراعت ۽ غذائي تحفظ بابت پرائيم منسٽر اسٽريٽجڪ روڊ ميپ تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سمورين وفاقي اڪائين ۾ نيشنل فوڊ اينڊ ايگريڪلچر سيڪيورٽي ڪائونسل جوڙي پئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پرائيم منسٽر اسٽريٽجڪ روڊ ميپ جا 5 ٿنڀ آهن، ان روڊ ميپ جو مقصد مستحڪم ۽ چٽاڀيٽي زرعي ۽ غذائي نظام حاصل ڪرڻ آهي، ان روڊ ميپ تحت غذائي تحفظ جا قدم کنيا ويندا، نجي شعبي کي زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان فعال ڪيو ويندو، واٽر گورننس ۽ موسمياتي تبديلي جو مقابلو ڪندڙ فصل کي ترجيحي طور عام ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان تحقيق کي ٺوس بڻايو ويندو. پاڪستان جي عوام جي غذائيت کي بهتر بڻائڻ جا قدم کنيا ويندا، روڊ ميپ تحت ڊيش بورڊ جوڙيو پيو وڃي جيڪو جنسن جي اسٽوريج ۽ تحفظ ۽ ميڪانائزيشن کي بهتر بڻائڻ ۽ نگراني جو ڪم ڪندو. زرعي نظام جي ريگيوليشن کي ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي، آبادگارن کي سرمائي تائين پهچ ڏيڻ جي حوالي سان فارم ۽ نان – فارم ڪريڊٽ جو نظام آندو پيو وڃي. فصلن جي غذائي صلاحيت وڌائڻ ۽ بائيو فورٽيفائيڊ فوڊ جي حوالي سان ڪم ڪيو ويندو. ملڪ جي 10 پٺتي پيل ضلعن ۾ زراعت جي فروغ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ پئڪيج ڏنا ويندا. ايگري گريجوئيٽس – يوٽيلائيزيشن اسڪيم جاري ڪئي ويندي جنهن تحت زرعي تحقيق کي فروغ ملندو.











