اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ايوان کان ڪي به حقيقتون لڪائي نٿيون سگهجن، ڪوشش هوندي آهي ته مڪمل ۽ درست جواب ڏنو وڃي ۽ ان لاءِ اسپيڪر کي ڪيترائي ڀيرا سوال ملتوي ڪرائڻ لاءِ گذارش ڪئي وڃي ٿي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران آغا رفيع الله جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ٻُڌايو …
ايوان کان ڪي به حقيقتون لڪائي نٿيون سگهجن، ڪوشش هوندي آهي ته مڪمل ۽ درست جواب ڏنو وڃي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ايوان کان ڪي به حقيقتون لڪائي نٿيون سگهجن، ڪوشش هوندي آهي ته مڪمل ۽ درست جواب ڏنو وڃي ۽ ان لاءِ اسپيڪر کي ڪيترائي ڀيرا سوال ملتوي ڪرائڻ لاءِ گذارش ڪئي وڃي ٿي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران آغا رفيع الله جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ٻُڌايو ته پاڪستان بيت المال ۾ شفافيت آهي، هتان ڪنهن به قسم جي بدانتظاميءَ جي شڪايت ناهي آئي. ثمينه خالد گهرڪي چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ آفيس ٺاهي وئي آهي پر اتي مقامي ماڻهن کي ڀرتي نه ڪيو ويو. طارق فضل چيو ته جيڪڏهن هي معاملو ڪميٽيءَ جي حوالي ڪريون ٿا ته ان تي ڪو اعتراض ناهي.











