اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي قومي احتساب ترميمي بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مهه جبين خان عباسي قومي احتساب ترميمي بل 2026ع سينيٽ مان منظور هئڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏيو. قانون ۽ـ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ بل جي مخالفت نه ڪئي …
قومي اسيمبلي قومي احتساب ترميمي بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي قومي احتساب ترميمي بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مهه جبين خان عباسي قومي احتساب ترميمي بل 2026ع سينيٽ مان منظور هئڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏيو. قانون ۽ـ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ بل جي مخالفت نه ڪئي ۽ ٻُڌايو ته بل ۾ 4 ترميمن جي تجويز ڏني وئي آهي. هڪ تجويز هاءِ ڪورٽ وٽ ضمانت جي اختيار بابت، ٻي ڪارڪردگيءَ جي بنياد نيب چيئرمين جي مُدت ۾ واڌ ۽ هڪ تجويز نيب کان سزا يافته شخص کي هاءِ ڪورٽ کان علاوه وفاقي آئيني عدالت ۾ اپيل جو حق ڏيڻ بابت آهي. هن چيو ته هو ان ترميمن جي مخالفت نه ڪندو. خواجه اظهار الاحسن چيو ته هو بل جي مخالفت نٿو ڪرڻ چاهي جڏهن ته بل جو مسودو اسان کي پهرين ڏيڻ گهرجي ها. عاليه ڪامران چيو ته ليڊر آف دي اپوزيشن ۽ قائد ايوان وچ ۾ مشاورت ختم نه ڪرڻ گهرجي. اعظم نذير تارڙ چيو ته 175 ايف تمام واضح آهي، ان ۾ هاءِ ڪورٽ جي سزائن خلاف آئيني عدالت ۾ اپيل جو حق ڏيڻ جي حوالي سان واضح هدايتون آهن. هن چيو ته قانونسازي پارليامينٽ جو اختيار آهي، معزز ميمبر ڪهڙي مشاورت جي ڳالهه ڪري رهي آهي، ايران تي جنگ جهڙي حساس معاملي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ جو اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو. بعد ۾ ايوان بل جي شق وار منظوري ڏئي ڇڏي.











