اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم پاڪستان سان دولت مشترڪه جي ملڪن جي ويجهي تعاون کي ساراهيندي چيو ته خطي جي موجوده صورتحال جي ڪري هو دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو. …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم پاڪستان سان دولت مشترڪه جي ملڪن جي ويجهي تعاون کي ساراهيندي چيو ته خطي جي موجوده صورتحال جي ڪري هو دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو. علائقائي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي ۾ امن ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي ۽ تحمل جي ضرورت تي زور ڏنو.











