وزيراعظم نجي يونيورسٽين جي چارٽرز بابت بلن جي جانچ پڙتال لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي: وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سينيٽ کي آگاهه ڪيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نجي يونيورسٽين جي چارٽرز بابت بلن جي جانچ پڙتال لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ هن چيو ته اها ڪميٽي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ڪم ڪندي ۽ نجي يونيورسٽين جي قيام ۽ …

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سينيٽ کي آگاهه ڪيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نجي يونيورسٽين جي چارٽرز بابت بلن جي جانچ پڙتال لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ هن چيو ته اها ڪميٽي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ڪم ڪندي ۽ نجي يونيورسٽين جي قيام ۽ انهن جي چارٽرز بابت تجويز ڪيل قانونسازي جو جائزو وٺندي. وفاقي وزير چيو ته مڪمل ڇنڊڇاڻ ۽ جانچ کانپوءِ  بلن کي غور ۽ منظوري لاءِ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيو ويندو. هن ايوان جي ڪارروائي دوران چيئر کي درخواست به ڪئي ته ايجنڊا ۾ شامل نجي يونيورسٽين بابت بلن کي ملتوي ڪيو وڃي ته جيئن ڪميٽي پنهنجون سفارشون جوڙي سگهي.

مزید خبریں