اين ايڇ اي کي ٽول پلازائن جي اوپن ۽ شفاف انداز ۾ نيلامي هڪ بهتر قدم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 05  مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اين ايڇ اي کي ٽول پلازائن جي اوپن ۽ شفاف انداز ۾ نيلامي هڪ بهتر قدم آهي، جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي ۽ موٽر ويز جي مرمت دوران ڪم جي بهترين معيار کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل …

اسلام آباد – 05  مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اين ايڇ اي کي ٽول پلازائن جي اوپن ۽ شفاف انداز ۾ نيلامي هڪ بهتر قدم آهي، جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي ۽ موٽر ويز جي مرمت دوران ڪم جي بهترين معيار کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ڪارڪردگي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اين ايڇ اي جي آمدني ۾ اضافي، موٽرويز ۽ هاءِ ويز تي حفاظتي قدمن تي موثر طور سان عملدرآمد، سروس ايرياز جي بهتري ۽ ٻين قدمن تي مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ سندس ٽيم جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته اين ايڇ اي جي ٽول پلازائن جي اوپن ۽ شفاف انداز ۾ نيلامي هڪ بهتر قدم آهي، موٽرويز جي مرمت دوران ڪم جي بهترين معيار کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس کي اين ايڇ اي جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2024ع جي ڀيٽ ۾ مالي سال 2025ع ۾ اين ايڇ اي جي آمدني 66.8 ارب رپين مان وڌي 109 ارب رپين تائين پهچي وئي، آمدني ۾ 63 سيڪڙو اضافو وزيراعظم جي هدايت تي اين ايڇ اي جي ٽول ٽيڪس وصولي ۽ ٻين قدمن سان ممڪن ٿيو، اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 2024ع جي ڀيٽ ۾ 2025ع ۾ موٽرويز تي ايم ٽيگ جو انگ 20 مان وڌائي 81 سيڪڙو ٿي ويو، هاءِ ويز ۽ موٽرويز تي ايڪسل لوڊ جي پابندي جي شرح پڻ ترتيبوار 90 ۽ 95 سيڪڙو تائين پهچي وئي جنهن سان نه رڳو حادثن ۾ گهٽتائي جڏهن ته رستن تي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ۽ ان جي مُدي ۾ واڌ ٿي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته موٽرويز تي موجود سروس ايرياز کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ قومي رستن تي پڻ سروس ايرياز ٺاهيا پيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن سال موٽرويز تي ايئر ايمبولينس سروس متعارف ڪرائي ويندي. ان کانسواءِ موٽروي جي سمورن انٽرچينجز تي 1122 جي سروس هر وقت تيار رهي ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي جي پنهنجي بجيٽ سان لياري ايڪسپريس وي، ٺوڪر نياز بيگ (اصين 5) ۽ اسلام آباد مري ايڪسپريس وي جي اپ گريڊيشن مڪمل ٿي چڪي آهي. وزيراعظم مواصلات واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

مزید خبریں