پاڪستان پاران ڪئناڊا ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري يورينيم فراهمي جي معاهدي ۽ تعاون تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد – 05  مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڪئناڊا ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري يورينيم فراهمي جي معاهدي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ننڍي ائٽمي ري ايڪٽرن ۽ جديد ائٽمي ري ايڪٽرن جي ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ امڪاني تعاون تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڀارت ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ يورينيم جي فراهمي جي معاهدي ۽ ائٽمي …

اسلام آباد – 05  مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڪئناڊا ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري يورينيم فراهمي جي معاهدي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ننڍي ائٽمي ري ايڪٽرن ۽ جديد ائٽمي ري ايڪٽرن جي ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ امڪاني تعاون تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڀارت ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ يورينيم جي فراهمي جي معاهدي ۽ ائٽمي ري ايڪٽرن جي جديد ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ امڪاني تعاون جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته اهو انتظام سول ائٽمي تعاون جي شعبي ۾ هڪ ٻيو ملڪ جي لاءِ تعصباڻي ڇوٽ جو مثال آهي. هن چيو ته اها ڳالهه خاص طور تي ڌيان طلب آهي ته ڀارت جو 1974ع جو ائٽمي تجربو هڪ اهڙي ري ايڪٽر سان حاصل ڪيل پلوٽونيم جي استعمال سان ڪيو ويو هو جيڪو ڪئناڊا پرامن مقصدن جي لاءِ فراهم ڪيو هو ۽ اهو سڌوسنئون ائٽمي فراهم ڪندڙن جي نيوڪليئر سپلائرز گروپ جي قيام جو سبب بڻيو هو. هن چيو ته هڪ اهڙي رياست جنهن جا قدم عالمي برآمدي ضابطن جي نظام جي قيام جا سبب بڻيا، هاڻي چونڊيل انتظامن تحت ترجيحي پهچ حاصل ڪري رهي آهي. ترجمان چيو ته ڀارت نه ته پنهنجي سمورن سول ائٽمي ٺڪاڻن کي عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي حفاظتي انتظامن تحت رکيو آهي ۽ نه ئي ان انتظام تحت ائين ڪرڻ جو ڪو پابند ڪيو آهي. هن چيو ته ڪيترائي ٺڪاڻا دستُور مُوجب عالمي معائني جي دائره ڪار کان ٻاهر آهن، وڌيڪ اهو ته اهو به واضح نه آهي ته ان معاهدي سان ائٽمي عدم ڦهلاءُ جي حوالي سان ڪي ٺوس خاطريون ڳنڍيل آهن يا نه. هن چيو ته ان انتظام جا اسٽريٽجڪ نقصان به انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. ترجمان چيو ته ٻاهرئين ذريعن سان يورينيم جي يقيني فراهمي اصل ۾ ڀارت جي اندروني ذخيرن کي عسڪري مقصدن جي لاءِ دستياب بڻائي ڇڏي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ رچاءُ جوڳي مواد جي ذخيرن ۾ اضافو، ان جي ائٽمي هٿيارن جي ذخيري ۾ تيزي سان توسيع ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ توازن ۾ اڳ کان موجود عدم توازن جي وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي، ان ڏس ۾ اهو انتظام عالمي ائٽمي عدم ڦهلاءُ جي نظام جي حوالي سان ڪئناڊا جي عزم ۽ ان تحت ان جي لاڳاپيل ذميوارين کي پڻ متاثر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪري ٿو ته سول ائٽمي تعاون کي غيرامتيازي ۽ معيارن تي ٻڌل اهڙي طريقيڪار تحت هجڻ گهرجي جيڪو انهن سمورين رياستن تي هڪ جهڙي طور تي لاڳو هجي جيڪي ائٽمي عدم ڦهلاءُ جي معاهدي جي ڌر نه آهن. هن چيو ته تعصباڻي ڇوٽ انتظام عالمي عدم ڦهلاءُ جي نظام جي ساک کي مجروح ڪن ٿا ۽ خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو خطرو پيدا ڪري سگهن ٿا.

مزید خبریں