ٻارڻ جا ذخيرا تسلي بخش آهن، پائيدار توانائي جي تحفظ لاءِ ان جو محتاط استعمال اڻٽر آهي: وفاقي وزير علي پرويز ملڪ

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته حڪومت موجوده صورتحال تي مسلسل نظر رکي آهي ۽ هنگامي رٿابندي تي ڪم ڪري رهي آهي، هن وقت ٻارڻ جا ذخيرا تسلي بخش آهن، جڏهن ته پائيدار توانائي جي تحفظ لاءِ ٻارڻ جو محتاط استعمال اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن نيڌرلينڊ جي سفير رابرٽ جان سيگرٽ سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير سفير ۽ …

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته حڪومت موجوده صورتحال تي مسلسل نظر رکي آهي ۽ هنگامي رٿابندي تي ڪم ڪري رهي آهي، هن وقت ٻارڻ جا ذخيرا تسلي بخش آهن، جڏهن ته پائيدار توانائي جي تحفظ لاءِ ٻارڻ جو محتاط استعمال اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن نيڌرلينڊ جي سفير رابرٽ جان سيگرٽ سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير سفير ۽ وفد جي آجيان ڪئي ۽ خاص ڪري توانائي ۽ صنعتي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مستحڪم، شفاف ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سفير سيگرٽ چيو ته نيڌرلينڊ پاڪستان سان پنهنجي حصيداري کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته اينگرو ووپڪ ٽرمينل لميٽيڊ پاڪستان ۾ فليگ شپ ڊچ حصيداري جي نمائندگي ڪري ٿي جيڪا بلڪ مائع ڪيميڪلز ۽ ايل پي جي لاءِ جديد سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. اي وي ٽي ايل نيڌرلينڊ جي رائل وو پڪ ۽ اينگرو ڪارپوريشن لميٽيڊ وچ ۾ هڪ گڏيل منصوبو آهي جيڪو پاڪستان جي ڪيميڪل ۽ پيٽرو ڪيميڪل انڊسٽري کي عالمي معيار جي خدمت فراهم ڪري ٿو. سفير نيڌرلينڊ طرفان تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ اهو ظاهر ڪيو ته پاڪستان ڪاروبار لاءِ کليل آهي. هن چيو ته ڊچ ڌر ٽرمينل ڪاروبار ۾ ان حصيداري کي وڌيڪ ڊيگهه ۽ مضبوط ڏسڻ جي خواهشمند آهي. اي وي ٽي ايل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عمار شاهه وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته ڪمپني ملڪ جي ايل پي جي جي سامونڊي آمدني واپار جو نمايان حصو سنڀالي ٿي ۽ ڊائون اسٽريم ڊي اي پي، پي وي سي۽ پي ٽي اي صنعتن لاءِ فيڊ اسٽاڪ جي انتظام ذريعي وڏن مينيوفيڪچرنگ پلانٽن جي مدد ڪري ٿي.  هن سپلائي چين جي بهتري ۽ صنعتي ترقي ۾ اي وي ٽي ايل جي ڪردار تي به روشني وڌي. وفد ٽرمينل آپريشنز ۾ بهتري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ توسيع جي مستقبل جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان هڪجهڙا ۽ شفاف موقعا يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. وفد ٽرمينل آپريشنز کي وڌائڻ ۽ ڪاروباري سرگرمين کي وڌائڻ جي مستقبل جي امڪانن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي جي روشني ۾ توانائي جي سپلائي چين جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفاقي وزير  وفد کي ٻڌايو ته حڪومت صورتحال تي لڳاتار نظر رکي رهي آهي ۽ متبادل حڪمت عملي تي ڪم جاري آهي، هن چيو ته هن وقت ٻارڻ جا ذخيرا تسلي بخش آهن جڏهن ته پائيدار توانائي جي تحفظ لاءِ محتاط استعمال ضروري آهي.

مزید خبریں