سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي خلاف آئيني عدالت ۾ ساڳئي نوعيت جي اپيل داخل نٿي ڪري سگهجي: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي خلاف آئيني عدالت ۾ ساڳئي نوعيت جي اپيل داخل نٿي ڪري سگهجي. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس علي باقر نجفي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سپريم ڪورٽ جي 12 سيپٽمبر 2024ع جي حڪم خلاف داخل نظرثاني …

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي خلاف آئيني عدالت ۾ ساڳئي نوعيت جي اپيل داخل نٿي ڪري سگهجي. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس علي باقر نجفي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سپريم ڪورٽ جي 12 سيپٽمبر 2024ع جي حڪم خلاف داخل نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ چيو ته 27 هين آئيني ترميم بعد به وفاقي آئيني عدالت کي سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي نگراني يا اپيل ٻڌڻ جو اختيار حاصل ناهي ٿيو. عدالت موجب آئيني ڍانچو ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏي ته سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلن کي ڪنهن ساڳئي نوعيت جي آئيني ڪارروائي ذريعي ٻيهر چئلينج ڪيو وڃي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين لا محدود ڪيسن جي اجازت نٿو ڏي ۽ قانوني جنگ جي ڪٿي نه ڪٿي پڄاڻي ضرور ٿيندي آهي، ٻي صورت ۾ عدالتي فيصلن جي حتميت جو اصول متاثر ٿيندو. لکت واري فيصلي موجب بحث هيٺ ڪيس زمين جي معاوضي بابت هو جيڪو درخواستگذار ۽ ملتان ڊولپمينٽ اٿارٽي وچ ۾ نجي نوعيت جو تڪرار آهي ان لاءِ ان کي عوامي اهميت جو معاملو قرار نٿو ڏئي سگهجي. عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته آئين جي آرٽيڪل 188 تحت نظرثاني جو اختيار محدود آهي ۽ جڏهن سپريم ڪورٽ کان نظرثاني جي درخواست رد ٿي وڃي ته معاملو اتي ختم ٿي ويندو آهي. سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي کي سڌارن واري نظرثاني يا ڪنهن ٻي عنوان تحت ٻيهر نٿو کولي سگهجي. درخواستگذار جو موقف هو ته 2015ع ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ سندس حق ۾ فيصلو ڏنو هو جنهن کي 2022ع ۾ ٻه رڪني بينچ جي فيصلي سان متاثر ڪيو ويو ، جڏهن ته عدالت قرار ڏنو ته ان بنياد تي آئيني درخواست ذريعي ڪيس ٻيهر کولڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

مزید خبریں