دنيا ۾ صنفي مت ڀيد کي شديد خطرا درپيش آهن، گڏيل قومن پاران ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ صنفي مت ڀيد کي شديد خطرا درپيش آهن، سڄي دنيا ۾ عورتون ۽ نينگريون هن وقت هڪ نهايت ڏکئي مرحلي مان گذري رهيون آهن. جمهوري عمل ۾ ناڪامي، وڌندڙ تڪرارن ۽ معاشي دٻاءَ کين زندگين تي گهرو اثر وڌو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي اداري يو اين وومين جي سينيئر عهديدار هنڊرڪس چيو …

اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ صنفي مت ڀيد کي شديد خطرا درپيش آهن، سڄي دنيا ۾ عورتون ۽ نينگريون هن وقت هڪ نهايت ڏکئي مرحلي مان گذري رهيون آهن. جمهوري عمل ۾ ناڪامي، وڌندڙ تڪرارن ۽ معاشي دٻاءَ کين زندگين تي گهرو اثر وڌو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي اداري يو اين وومين جي سينيئر عهديدار هنڊرڪس چيو ته هن وقت عورتون ۽ نينگريون جمهوري تنزلي، وڌندڙ تڪرارن، معاشي دٻاءَ ۽ سماجي پابندين جهڙن مختلف چئلينجز کي منهن ڏئي رهيون آهن. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ ”سمورين عورتن ۽ نينگرين لاءِ انصاف تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ“ جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي چئي، جيڪا عورتن جي ايندڙ عالمي ڏينهن ۽ عورتن جي حيثيت بابت ڪميشن جي 70 هين اجلاس کان اڳ جاري ڪئي وئي. رپورٽ مطابق دنيا ۾ هن وقت تائين ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جتي عورتن ۽ مردن وچ ۾ مڪمل قانوني برابري قائم ٿي سگهي هجي. عالمي سطح تي عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ رڳو 64 سيڪڙو قانوني حق حاصل آهن. وڌيڪ اهو ته54 ملڪن ۾ زيادتي جي تعريف رضامندي جي بنياد تي ناهي جڏهن ته 72 سيڪڙو ملڪن ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ گهٽ عمر جي شادي جي اجازت جي صورت موجود آهي. اهڙي طرح 44 سيڪڙو ملڪن ۾ مردن جي برابر ڪم جي بدلي ۾ برابر پگهار جو قانون به لازمي ناهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ دنيا جي 87 ملڪن گهرو تشدد خلاف قانون متعارف ڪرايا آهن ۽ گذريل ڏهاڪي ۾ 40 کان وڌيڪ ملڪن عورتن ۽ نينگرين جي آئيني تحفظ کي مضبوط بڻايو آهي، پر سماجي تعصب، بدنامي جي خوف ۽ متاثرن تي الزام لڳائڻ جي روايت انصاف حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر چيو ته جڏهن عورتن ۽ نينگرين کي انصاف کان محروم رکيو ويندو آهي ته ان جا اثر رڳو هڪ ماڻهو تائين محدود ناهن رهندا پر سڄي معاشري ۾ قانون جي حڪمراني ۽ ادارن تي عوامي اعتماد ڪمزور ٿي ويندو آهي. يو اين وومين عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته عورتن ۽ نينگرين جي حقن جي تحفظ، انصاف تائين پهچ ۽ برابر موقعن جي فراهمي لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن ته جيئن هر عورت محفوظ، بااختيار ۽ برابر زندگي گذاري سگهي.