سرينگر-05 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز 8 سئو کان وڌيڪ نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ٿيلن ۾ درجنين ڇوڪريون به شامل آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي پوليس انهن ماڻهن کي ايران خلاف آمريڪي اسرائيلي جارحيت ۽ رهبر اعليٰ آيت الله علي خامنائي جي قتل خلاف مظاهرن جي ڪري سرينگر، گاندربل، بڊگام، بانڊي پوره، بارهموله ضلعن جي مختلف علائقن …
والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز 8 سئو نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو
سرينگر-05 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز 8 سئو کان وڌيڪ نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ٿيلن ۾ درجنين ڇوڪريون به شامل آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي پوليس انهن ماڻهن کي ايران خلاف آمريڪي اسرائيلي جارحيت ۽ رهبر اعليٰ آيت الله علي خامنائي جي قتل خلاف مظاهرن جي ڪري سرينگر، گاندربل، بڊگام، بانڊي پوره، بارهموله ضلعن جي مختلف علائقن ۾ گهرن ۾ ڇاپن دوران گرفتار ڪيو. حريت ڪانفرنس هڪ بيان ۾ ڀارتي فورسز طرفان گهرن تي ڇاپن ۽ نياڻين سميت وڏي انگ ۾ نوجوانن جي گرفتاري جي شديد مذمت ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته مودي حڪومت والاريل علائقي ۾ اظهار جي راءِ جي آزادي جو حق به مڪمل طور تي دٻائي رکيو آهي. ڪشميري عوام ايران تي جارحيت خلاف پرامن آواز بلند ڪرڻ چاهين ٿا پر ڀارت پابندين، گرفتارين ذريعي انهن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. قابض ڀارتي انتظاميه مظاهرن کي روڪڻ لاءِ علائقي ۾ ڪرفيو جهڙيون پابنديون لاڳو ڪيون آهن ۽ انٽرنيٽ سروس به معطل ڪري ڇڏي آهي.











