اسلام آباد- 5 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جماعت اسلامي جي هڪ وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن جماعت اسلامي جي وفد کي افغانستان، نار، وچ اوڀر ۽ ايران جي صورتحال ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ قدمن بابت اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جماعت اسلامي جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 5 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جماعت اسلامي جي هڪ وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن جماعت اسلامي جي وفد کي افغانستان، نار، وچ اوڀر ۽ ايران جي صورتحال ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ قدمن بابت اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد ۾ لياقت بلوچ، ميان محمد اسلم ۽ آصف لقمان قاضي شامل هئا. جماعت اسلامي جي امير کي افغانستان، ايران، وچ اوڀر ۽ نار جي موجوده صورتحال تي ان ڪئميرا بريفنگ ڏني وئي. وفد کي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ قدمن بابت اعتماد ۾ ورتو ويو. ان کانسواءِ انهن کي ايران ۽ نار ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن پاران پاڪستانين جي سهولت لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي ڏني وئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير نذير تارڙ، احسن اقبال، عطاءُ الله تارڙ، راڻا مبشر اقبال، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُالله ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ موجود هئا.











