اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پيٽروليم شين جي بنا رنڊڪ دستيابي يقيني بنائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، سمورن پاليسي فيصلن ۾ ان کي نظر ۾ رکيو ويندو، قومي توانائي سلامتي جي تحفظ ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ وقت سر ۽ مربوط قدمن لاءِ تيار آهيون. هن اها ڳالهه خطي ۾ اُڀرندڙ صورتحال جي …
پيٽروليم شين جي بنا رنڊڪ دستيابي يقيني بنائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، سمورن پاليسي فيصلن ۾ ان کي نظر ۾ رکيو ويندو: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پيٽروليم شين جي بنا رنڊڪ دستيابي يقيني بنائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، سمورن پاليسي فيصلن ۾ ان کي نظر ۾ رکيو ويندو، قومي توانائي سلامتي جي تحفظ ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ وقت سر ۽ مربوط قدمن لاءِ تيار آهيون. هن اها ڳالهه خطي ۾ اُڀرندڙ صورتحال جي روشنيءَ ۾ پيٽرول جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ وزيراعظم طرفان قائم ڪيل ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ توانائي جي علائقائي ۽ عالمي بدلجندڙ صورتحال تي غور جو سلسلو جاري رکندي سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي ذخيرن ۽ سپلاءِ چين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن کي خام تيل ۽ ريفائن ٿيل پيٽروليم شين خاص ڪري پيٽرول، ڊيزل، هوابازي جي ٻارڻ ۽ ايل پي جي ملڪي ذخيرن، انهن جي دستيابي جي ڏينهن ۽ ڏهاڙي کپت جي رجحانن کان آگاهه ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي عالمي تيل مارڪيٽن جي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو، جنهن ۾ عالمي بينچ مارڪ قيمتن ۾ ڦيرڦار، فريٽ ۽ انشورنس خرچن، بحري رستن جي صورتحال ۽ اهم سامونڊي گذرگاهن جون بدلجندڙ حالتون شامل هيون. ڪميٽيءَ نوٽ ڪيو ته خاص ڪري آبناءِ هرمز بابت غير يقيني صورتحال ۽ ان جي توانائي جي عالمي واپار تي امڪاني اثرن جي نظر ۾ عالمي توانائيءَ جو ماحول بدستور غير يقيني آهي. شرڪت ڪندڙن ايل اين جي ۽ ايل پي جي مارڪيٽن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ جو به جائزو ورتو. ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته ڊگهي مُدي وارن معاهدن تحت ايل اين جي آمدني واپار پاڪستان جي توانائي جو اهم جُز آهي جڏهن ته علائقائي سامونڊي رستن ۾ رڪاوٽون عالمي ايل اين جي لاجسٽڪس کي متاثر ڪري سگهي ٿي. سرحد پار ذريعن مان ايل پي جي آمد تي به ڪڙي نظر رکي پئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ بنا رنڊڪ دستيابي يقيني بڻائي سگهجي. ڪميٽي رسدي سلامتي کي مضبوط بنائڻ لاءِ مختلف هنگامي قدمن تي غور ڪيو، جن ۾ عالمي ڀائيوارن سان رابطا ۽ متبادل سپلاءِ ذريعن جا تلاش شامل آهي. ان سلسلي ۾ ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو ته ضرورت پوڻ تي واڌو خام تيل ۽ پيٽروليم شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ خطي جي دوست ملڪن ۽ سپلائرز سان سفارتي ۽ واپاري سطح تي رابطا جاري آهن. ڪميٽيءَ اهو به نوٽ ڪيو ته توانائي کي حاصل ڪرڻ جي ذريعن کي متنوع بنائڻ لاءِ علائقائي انرجي هب ذريعي مختلف آپشنز جو جائزو ورتو پيو وڃي، جن ۾ احمر سمنڊ ۽ نار خطي جي بندرگاهن ذريعي امڪاني انتظام شامل آهن، ته جيئن ريفائنري آپريشن جو تسلسل برقرار رهي ۽ سپلاءِ جو استحڪام يقيني بڻائي سگهجي. ميمبرن وسيع هنگامي منصوبا بندي تحت توانائي جي تحفظ ۽ بچت جي قدمن جو به جائزو ورتو، جنهن جو مقصد طلب جو اثرائتو انتظام ڪندي مارڪيٽن ۾ نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ آهي. ڪميٽي زور ڀريو ته جيتوڻيڪ هن وقت سپلاءِ جي صورتحال مستحڪم آهي، جيڪڏهن عالمي غير يقيني صورتحال برقرار رهي ٿي ته هر سطح تي محتاط توانائي جي استعمال ۽ بچت قومي تياريءَ کي مضبوط بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پيٽروليم شين جي بنا رنڊڪ دستيابي يقيني بنائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ سمورن پاليسي فيصلن ۾ ان کي نظر ۾ رکيو ويندو. ڪميٽي ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته خاص ڪري عالمي لاهن چاڙهن دوران پيٽروليم شين جي ذخيره اندوزي، رُخ موڙڻ يا اسمگلنگ جي روڪٿام يقيني بنائي وڃي. لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سخت نگراني برقرار رکن ۽ صوبائي حڪومتن سان رابطن ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط ڪن ته جيئن ملڪي سپلاءِ محفوظ رهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن صوبن جا چيف سيڪريٽري (اڄ) ٿيندڙ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪن ته جيئن حتمي سمري ۽ تجويز ڪيل قومي ايڪشن پلان تي غور ڪري سگهجي. ڪميٽي پنهنجا صلاح مشورا جاري رکندي ته جيئن سمورين ڌُرين جي سهڪار سان قومي سطح تي لاڳو ڪندڙ هڪ جامع حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، قومي غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير رانا تنوير حسين، توانائيءَ وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











