اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان نيدرلينڊ سان اقتصادي سهڪار کي مضبوط بنائڻ کي خاص اهميت ڏئي رهيو آهي، اعتماد جوڳي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پُرعزم آهيون. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ مقرر نيدرلينڊ جي سفير رابرٽ جان سيگرٽ سان ملاقات ۾ چئي. جيڪو اينگرو ڪارپوريشن، اينگرو ۽ پاڪ ٽرمينل لميٽيڊ (اي وي …
پاڪستان، نيدرلينڊ سان اقتصادي سهڪار کي مضبوط بنائڻ کي خاص اهميت ڏئي رهيو آهي، اعتماد جوڳي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پُرعزم آهيون: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان نيدرلينڊ سان اقتصادي سهڪار کي مضبوط بنائڻ کي خاص اهميت ڏئي رهيو آهي، اعتماد جوڳي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پُرعزم آهيون. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ مقرر نيدرلينڊ جي سفير رابرٽ جان سيگرٽ سان ملاقات ۾ چئي. جيڪو اينگرو ڪارپوريشن، اينگرو ۽ پاڪ ٽرمينل لميٽيڊ (اي وي ٽي ايل) جي هڪ وفد سان گڏ ناڻي واري وزير سان ملڻ لاءِ آيو هو. وفد ۾ اينگرو ڪارپوريشن جو صدر احسن ظفر سيد، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اي وي ٽي ايل عمار شاهه ۽ وائس صدر ۽ چيف گورنمينٽ رليشنز آفيسر اينگرو ڪارپوريشن ياسر علي شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان نيدرلينڊ سان اقتصادي سهڪار کي مضبوط بنائڻ کي خاص اهميت ڏئي رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته باوقار عالمي سيڙپڪارن سان پُراڻيون ڀائيواريون پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪن ٿيون، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائي ٿي ۽ عالمي ڪاروباري برادريءَ ۾ اعتماد کي مستحڪم ڪري ٿي. سفير کي ملاقات جو موقعو فراهم ڪرڻ تي ناڻي واري وزير جو ٿورو ادا ڪيو ۽ نيدرلينڊز طرفان ٻه طرفي اقتصادي ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ ڊچ ڪمپنين جي موجودگيءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڊچ ادارن وچ ۾ ڪامياب ڀائيواريون ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري اقتصادي سهڪار جي ڀرپور صلاحيت کي ظاهر ڪن ٿيون. ملاقات دوران اينگرو جي ٽيم ناڻي واري وزير کي اينگرو ۽ پاڪ ٽرمينل لميٽيڊ جي سرگرمين جي باري ۾ بريفنگ ڏني، جيڪو نيدرلينڊز جي رائل ۽ پاڪ ۽ اينگرو ڪارپوريشن جو گڏيل منصوبو آهي. وفد ٻُڌايو ته هي ٽرمينل 1996ع کان پورٽ قاسم تي فعال آهي ۽ پاڪستان جي صنعتي ۽ توانائي سپلائي چين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جتي هيٺين سطح جي صنعتن لاءِ گهربل مک ڪيميلز جي آمدني واپار کي سنڀاليو وڃي ٿو، جڏهن ته گهريلو توانائيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ميريئن ايل پي جي جو خاطرخواه حصو به اتان ئي هينڊل ڪيو وڃي ٿو. وفد ٽرمينل جي مستقبل جي آپريشنل انتظامن جي حوالي سان پنهنجا رايا پيش ڪيا ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صنعتي پيداوار ۽ سپلاءِ چين جي استحڪام جي خاص معاون بنيادي ڍانچي جي تسلسل سان فعاليت نهايت اهم آهي. هن ڀائيوارن ۾ پُراڻي سهڪار ۽ ان نوعيت جي سيڙپڪاري جي پاڪستان جي اقتصادي منظرنامي ۾ وسيع ڪردار کي به پڻ اجاگر ڪيو. ناڻي واري وزير وفد جي بريفنگ کي ساراهيندي ان ڳالهه جي اهميت تسليم ڪئي ته پاڪستان جي صنعتي نظام ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سيڙپڪاري شفاف ۽ اثرائتي فريم ورڪ تحت جاري رهڻ گهرجي. هن اعتماد جوڳي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ جاري اقتصادي ڀائيوارن بابب معاملن جي حل ۾ حڪومتي سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ بدلجندڙ علائقائي صورتحال ۽ ان جي توانائي مارڪيٽ ۽ سپلاءِ چينز تي امڪاني اثرن جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جي اڳڀرائيءَ تي گهري نظر آهي ۽ لاڳاپيل ڌُرين سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن پيٽروليم شين جي مناسب دستيابي کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ امڪاني سپلاءِ چئلينجز کي مُنهن ڏئي سگهجي. وفد عالمي مارڪيٽن ۾ لاهن چاڙهن جي روشنيءَ ۾ لاجسٽڪس ۽ سپلاءِ چين بابت عام صنعتي نقطه نظر پڻ پيش ڪيو.











