نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران اسلام آباد ۾ ايراني سفارتخاني جو دورو، اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا

اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ ايراني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوڳوار خاندان ۽ ايراني قوم سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو …

اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ ايراني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوڳوار خاندان ۽ ايراني قوم سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ان عظيم قومي سانحي جي موقعي تي ڀائر ايراني عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں